ٽنڊي الهيار ۾ ڏينهن ڏٺي جو دڪان تان ڌاڙو

ٽنڊوالهيار  (ڊ ر) ٽنڊوالهيار شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙو ڪريانه جي دڪان تان 4 نامعلوم هٿياربند 7 لک 80 هزار رپيا ڦر ڪري فرار پوليس پاران شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي ناڪابندي خبر موجب ٽنڊوالهيار شهر جي سومرا ڪالوني ڀرسان عبدالغفار شيخ جي ڪريانه جي دڪان تان 4 نامعلوم هٿياربند 7 لک 80 هزار روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا دڪاندار موجب 4 هٿياربند گراهڪ ٿي دڪان ۾ داخل ٿيا جن هٿيارن جي زور تي 7 لک ڪجهه هزار روپيا ڪيش رقم ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا آهن ڦورو سوگها ڪري رقم واپسي ڏياري انصاف ڪيو وڃي. ٻي پاسي اي سيڪشن پوليس واقعي واري جڳهه تي پهچي جائزو ورتو پوليس موجب شهر جا داخلي ۽ خارجي رستن جي ناڪابندي ڪئي وئي آھي ٽيڪنيڪل طريقي سان ڦورن جي ڳولا ڪيون پيا کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.