چيلهار ڀرسان تعليم کاتي 3 اسڪول بند ڪري ڇڏيا، شاگرد پريشان

چيلھار (رپورٽ: جتيندر باغي) چيلھار ويجھو ڳوٺ جينجھئير جي سوڍا پاڙو ۾ گورمينٽ پرائمري مين اسڪول کي تعليم کاتو جي ذميوار ڌرين گُذريل 2 سال اڳ بند ڪري ڇڏي ھُئي اسڪول بند ڪرڻ سبب ڳوٺ جي ڪيترن ئي شاگردن جي تعليم تباھ ٿي رھي آھي تعليم تباھ ٿيڻ وارو سلسلو ھيل تائين ھلندڙ آھي. ڳوٺ اڪليون سميجا جي گورمينٽ پرائمري مين اسڪول تعليم کاتو جي ڪامورن بند ڪري ڇڏيو آھي. ڳوٺ ستلا ڳوٺ ليڙيا جا ٻارڙا داخل ھُئا پر تعليم کاتو جي نااھلي سبب 3 ڳوٺن جي سوين شاگردن جي تعليم تباھ برباد ٿي رھي آھي جڏھن ته گورمينٽ پرائمري مين اسڪول اڪليون سميجا کي کولرائڻ لاء ڳوٺاڻن ڪُجھ وقت اڳ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ھو احتجاج واري خبر روزانه عوامي آواز ۾ شايع ٿيبشايع ٿيل خبر جو اڳ مٺي عدالت جي سيشن جج مشتاق احمد ڪلوڙ پاڻمرادو نوٽيس ورتو ھو ۽ تعليم کاتو جي ڪامورن کي اسڪول کولڻ جي ھدايت ڪئي پر تنھن باوجود تعليم کاتو جي ذميوار ڪامورن ھيل تائين اسڪول ناھي کولي ڳوٺاڻن مجاھد محمد خان سميجو نياز احمد سميجو ميانداد سميجو آتم ڀيل ۽ ٻين چيو گورمينٽ پرائمري مين اسڪول 1947ع ۾ منظور ٿي انھي قديمي اسڪول کي سھولتون ڏيڻ بجاء ذميوار ڪامورن ھٿ ٺوڪيا ڄواز ڄاڻي بند ڪري ڇڏيو جيڪا سراسر ناانصافي آھي.

  • ڇاڇري کي هارڊ ايريا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ريلي

ڇاڇرو (ت ر) ٿر هارڊ ايريا ۾ شامل نه ٿيڻ خلاف ڇاڇرو ۾ نوجوانن پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٿرپارڪر ضلعي کي هارڊ ايريا ۾ شامل نہ ڪرڻ خلاف آء بي اي پاس اميدوارن قربان ٿري، ساجن ميگهواڙ، اسلام الدين سميجو، قيوم سميجو، سائين بخش سمون سميت ٻين نوجوانن شهر جي مين چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڇاڇرو عمرڪوٽ روڊ تہ ڌرڻو هڻي تعليم وزير خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان دوران هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 19 مارچ 2021  تي سنڌ ڪابينا جي منظوري بعد ٿرپارڪر ضلعي جي 60 يونين ڪائونسلن کي هارڊ ايريا ۾ شامل ڪري جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تي هاڻي تعليم جو وزير عمل نه پيو ڪري، هنن وڌيڪ چيو ته پوري ملڪ ۾ واحد ضلعو ٿرپارڪر آهي جيڪو مڪمل ضعلو هارڊ ايريا آهي، ٿرپارڪر جي هارڊ ايريا هجڻ سبب صحت کاتي جي ملازمن کي ڊبل پگهارون ڏنيون وڃن ٿيون، پر تعليم کاتي جي نااهلي سبب سنڌ جي شهرن کي هارڊ ايريا ۾ شامل ڪيو آهي پر اصل هارڊ ايريا ضلعي ٿرپارڪر کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، جيڪو ٿرپارڪر جي عوام ۽ نوجوانن اميدوارن سان سنڌ حڪومت ۽ تعليم جو وزير ناانصافي ڪري رهيو آهي، ھنن سنڌ حڪومت ۽ تعليم جي وزير کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور پوري ٿرپارڪر ضلعي کي  هارڊ ايريا ۾ شامل ڪري پاس اميدوارن جو لسٽون پڌريون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

بدين َضلعي کي هارڊ ايريا ۾ شامل ڪريو، اميدوارن جو احتجاج

بدين  ) ڊر(بدين شھر ۾ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن نياز سيال، اسدﷲ بروھي، عبدالعزيز راھمون،، عبدالله مھراڻپوٽو،امتياز بوھڙ جي اڳواڻيءَ ۾ ايوان صحافت بدين اڳيان احتجاجي مظاهرو،مظاهرو ڪندڙن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته بدين ضلعي جي سمورين يونين ڪائونسلز کي ھارڊ ايريا ۾ شامل ڪيو وجي ۽ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن کي نوڪريون ڏنيون وڃن، ھنن چيو بدين مان چونڊيل نمائيندن کي آسان جو ڪيس اسيمبلي ۾ اٿارڻ گھرجي، عوامي آواز سان ڳالهائيندي ھنن چيو ته بدين ضلع پٺتي پيل ضلعو آهي جتي پاڻي جي کوٽ سبب فصل نه ٿيا آھن غربت تمام گھڻي اھي،ٻوڏ دوران به ھن ضلعي کي وڏو نقصان پھچي ٿو ۽ ھن ضلعي ۾ ڪابه فئڪٽري جتي نوجوان روزگار ڪري سگھن، تنھن ڪري بدين کي ھارڊ ايريا ۾ شامل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

  • پنجاهه مارڪن تي پاس ڪريو، ڀريا روڊ ۾ اميدوارن جو احتجاج

ڀرياروڊ ( ن ع آ )  ڀرياروڊ  آءِ  بي  ٽيسٽ ۾ پاس  اميدوارن  جو مين اسٽيشن روڊ تي پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو ۽ احتجاج ڪندڙن شاھد حسين ڪيريو، جميل احمد ملڪ، عاشق راڄپر، ملڪ شاھد ۽ ٻين چيو ته حڪومت سميت آءِ بي وارا اسان سان نا انصافي ڪن ٿا ۽ سنڌ جي نو جوانن کي روز گار کان محروم رکن پيا، جڏھن ته اسان سڀني جون آءِ بي ٽيسٽن ۾ 50 کان مٿي مارڪون کنيل آھن، پر ھتي حقدارن کي حق ملڻ بجاءِٰ بيروزگاري جي ڌٻڻ ۾ ڌڪليڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، چيف جسٽس، ۽ سنڌ سرڪار 50 پرسن مارڪن تي پاس ڪري.

  • بٺوري ۾هڪ ڏينهن لاءِ تعليمي ورڪشاپ

ميرپور بٺورو (ن ع آ) ميرپور بٺورو لڳ ڳوٺ بچل ملاح ۾ عوامي تحريڪ ضلعي سجاول طرفان هڪ ڏينهن جو تعليمي ۽ تربيتي ورڪشاپ ٿي گذريو جنهن ۾ پارٽي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي  ورڪشاپ جي موضوع انسان  جي ارتقا ” تي گنهور خان زئور تفصيلي ليڪچر ڏيندي چيو ته انسان جي ارتقا  سائنسي تحقيق مطابق انسان هن موجوده سڌريل منزل تي پهچڻ تائين ڪيترائي مرحلا طعي ڪري پوء پهتو آھي، ۽ انسان ,4 ,5  لک سال اڳ گڏ رهڻ لڳو ۽ هڪ لک سال اڳ  جي دور ۾ انسال ننڊرسال وارو انسان پيدا ٿيو جيڪو اڀو هلي سگهندو هو ۽ گڏجي غارن ۾ رهندا , شڪار ڪندا هئا ۽ مذھبي رسمون پڻ انهي دور ۾ مليون آھن ۔ جنهن کان پوء ڪروميگنان وارو انسان آھي جيڪو 50 هزار سال اڳ ۾ رهيو آھي انهن ۾ ٿورو تهذيبي واڌارو ٿيو  غارن ۾ انسان تصويرون ٺاهڻ ۽ جانور  ڪتو پالڻ سکيو، جنهن کان پوء انسان موجوده جديد دور  ۾ پنهنجي ارتقا ذريعي عقل فهم سان اوزار ٺاهيا جنهن جي ذريعي ترقي جا وڏا ڇال هڻي هن ترقي يافته دور ۾ پهتو آھي، هن چيو ته انساني ٻولي انساني ترقي ۾ گهڻو واڌارو ڪيو ٻولي سکڻ کان پوء انسان نوان خيال , تصور ۽ پاڻ ۾  شعور  پيدا ڪيو جنهن سان انسان پنهنجي دنيا بدلائي ڇڏي آھي،  ورڪشاپ ۾ رسول بخش پليجو صاحب جا لک پت جيل مان ڪارڪنن ڏانهن لکيل خط  مجيد ساگر پڙھي ٻڌايا جنهن ۾ ڪارڪنن جي رھنمائي طور پارٽي ۽ ان جي ڪمن تي هدايت ڏنل هئي ۔ ورڪشاپ ۾ محمد ڏيٿو عمر ڏيٿو مرتضا زئور انقلابي گيت پڻ پيش ڪيا.

  • پ پ تعليم کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي:ايس ايس ٽي

حيدرآباد (پ.ر) سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر پرديپ گلاب، ڪاشف ملاح، سڀاش شرما، ڪبير ڀيل ۽ عبدالنبي برهماڻي تعليم کاتي سنڌ جي وزير سردار شاهه جي اسڪول بند ڪرڻ ۽ سنڌ جي اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ جي اعتراف ڪرڻ واري جاري ڪيل تازي بيان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي تعليم کاتي جي وزير شاهه صاحب جيڪي سنڌ جا اسڪول زبون حالي سبب وزٽ نه ٿو ڪري سگهي، کيس خبر هجڻ گهرجي ته ساڳين اسڪولن ۾ سنڌ جا يتيم، مسڪين ٻارڙا زندگي ۽ موت جي چوواٽي تي بيٺي علم پراين ٿا. پيپلزپارٽي سرڪار پنهنجي سموري دور حڪومت ۾ تعليم کي تباهي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي.سنڌ جي تعليم واري وزير جي بيان مان هُو ڪو ذميوار وزير نه پر امير گهر جو نازن پليو ٻار لڳي ٿو. جيڪو خراب اسڪولن جي وزٽ نه ڪندو. اصل حقيقت هيءَ آهي ته نه اسڪول ۾ بنيادي سهولتون ملندو نه ڪو لاڏلو وزٽ ڪندو. اسين مطالبو ٿا ڪيون ته جاگيردارن کي مچائي مواڙ ڪري سنڌ جي تعليم تباهه ڪرڻ واري پاليسي ختم ڪئي وڃي. پيپلن تعليمي ادارن کي وڏيرن جي اوطاقن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي تعليم وارو وزير انهن اسڪولن جي وزٽ تي نٿو وڃي جن اسڪولن جي اهڙي حالت خود سندس ئي جماعت پيپلزپارٽي سرڪار ئي ڪئي آهي. اسڪولن جي عمارتن جي زبون حالت هئڻ سبب ڪيترن ئي ٻارڙن مٿان ڇاپر ڪرن ٿا ۽ انهن جو زخمي ٿيڻ ۽ فوت ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي.

  • شهدادڪوٽ ۾شاگردياڻي سان حراسمينٽ معاملو، شهرين جي گڏجاڻي

شھدادڪوٽ ( ت ر ) شھدادڪوٽ جي پرائمري سرڪاري اسڪول ۾ ھڪ استاد پاران پنجين درجي جي شاگردياڻي سان مبينا جنسي حراسمينٽ ڪرڻ واري معاملي تي تعليم بچايو جدوجهد ڪاميٽي پاران ھڪ اھم گڏجاڻي ڪوٺائي ويئي جنهن ۾ شھر جي مختلف مڪتب فڪر جي ذميوار اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي,گڏجاڻي ۾ متفق طور تي فيصلو ڪيو ويو ته نياڻي واري معاملي جي عدالتي جاچ ڪري اصل حقيقتن کي پڌرو ڪري ملوث ڪردار کي سزا ڏني وڃي,اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن حيات تونيو,حبدار ميرجت، پيربخش ڀٽي، منير بروهي، حاجي خان ڀٽو، حافظ عبدالرزاق مگسي، امداد لوهر، رشيد مگسي، انور مغل، معتبر چانڊيو ۽ ٻين چيو ته ھڪ سرڪاري اسڪول ۾ شاگردياڻي سان جنسي حراسمينٽ وارو معاملو سامهون اچڻ کان پوء اڪثر والدين پنهنجي نياڻين کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي جنھن ڪري تعليم کاتي جي اختيارين کي گھرجي ته ان معاملي ڏانهن فوري طور تي ڌيان ڏيئي نياڻين جي تعليم متاثر ٿيڻ کان بچائن, گڏجاڻي ۾ اھو به فيصلو ڪيو ويو ته 17 ۽ 18 نومبر تي ٻه ڏينهن شھر جي ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي ڪئمپ پڻ قائم ڪري بک هڙتال ڪئي ويندي, ۽ 19 نومبر تي پريس ڪلب کان ڪوٽو موٽو چوڪ تائين ھڪ ڀرپور احتجاجي ريلي پڻ ڪڍي ويندي.

  • پروفيسر غلام مصطفيٰ شر تي قتل جون ڌمڪيون، احتجاج

فيض گنج (ن ع آ)  شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي آرڪيالاجي کاتي جي سابق چیئرمین پروفیسر غلام مصطفي شر پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته مهذب قومون پنهنجن قومي ورثن جي حفاظت ڪنديو آهن پر بدقسمتي سان خيرپور ضلعي جي تعلقي فيض گنج ۾ڪيترائي تاريخي ماڳ موجود آهن جن تي ماڻهن قبضه ڪري ورتا آهن جڏهن اسان تاريخي ماڳ ليلا جا آتڻ تي ڪم شروع ڪيو ته هڪ غير سنڌي جنهن سنڌ ڏٺي به نه آهي ان اها زمين وري ٻئي ماڻهو کي ويڪرو ڪري ڏني جيڪو ان اسان قومي ورثي کي هيوي مشينري جي زرعي تباهه ڪري رهيو جنهن جي اسان مسلسل ميڊيا جي مدد رستا روڪ ڪري ان تي ڪم شروع ڪيو جيڪو هن وقت انهن قبضو ڪندڙ  مونکي قتل ڪرڻ لاءِ چندو گڏ ڪري موکي ڪرائي جي قاتل کان قتل ڪرائڻ ٿا چاهين ۽ موکي مسلسل ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن پر زندگي موت الله جي هٿ ۾آهي مان هنن جي ڌمڪين ۾ نه ايندس هن وڌيڪ چيو ته اسان قبضي ڪندڙن کي هر صورت ۾شڪست ڏئي پنهنجي قومي ورثي کي بچائي وٺنداسون هن ڪمشنر سکر ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کان مطالبو ڪيو ته آثارن جي کوٽائي دوران نڪرندڙ شين کي محفوظ ڪرڻ لاءِ فيضگنج ۾ هڪ ميوزيم ڏنو وڃي ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ۾ پروفيسر غلام مصطفي شر سان گڏ وڪيل راجہ الطاف شر ڪامريڊ مرتضي شر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا جن پروفيسر غلام مصطفي شر ۽ تاريخي ماڳ تي ڪم ڪندڙن جي حفاظت لاءِ سڪيورٽي ڏيڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.