لاڙڪاڻي ۾ گم ٿيل عورت جي جاچ رپورٽ پڌري، مڙس قاتل قرار، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي ايئرويز ڪالوني جي رهواسي پيرسن پورهيت پنهنجي گهر واري ڏهٽي ۽ پوٽي سان گڏجي گڏجي مبينا قتل ٿي ويل ڌيءَ جي خون سان انصاف لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.  ان موقعي تي پيرسن پورهيت دوست محمد شيخ پنهنجي گهرواري حسينه خاتون، ڏهٽي دعا ۽ پوٽي سيما سان گڏجي صحافين آڏو دانهيو ته ڪجهه سال اڳ منهنجي ڌيءَ شاهده جو مڙس امداد شيخ بيماري وگهي فوت ٿيو ۽ چار سال اڳ مون سندس شادي شهر جي علي آباد پاڙي جي رهواسي پوليس اي ايس آءِ علي گوهر جويو سان ڪرائي، شادي کان اڳ ۾ اسان کان ڄاٽي علي گوهر اها ڳالھه ڳجهي رکي ته هن جون اڳ به ٻه شاديون ٿيل آهن جن مان کيس 9 ٻارن جي اولاد آهي، ڌيءُ شاهده سان شادي ڪرڻ کان اڳ ڄاٽي علي گوهر جويو اسان کي 10 لک روپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو جنهن بابت هن دستاويز تي لکي به ڏنو پر شادي کان بعد هن پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪيو جيڪي پئسا گهرڻ تي هن منهنجي ڌيءُ شاهده کي گم ڪري ان سميت اسان مٿان گذريل سال 27 سيپٽمبر رحمت پور ٿاڻي تي سون چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو جنهن ڪيس ۾ آءُ 9 مهينا ،جڏهن ته منهنجو پٽ محمد علي 7 مهينا ۽ پٽ احمد علي 2 مهينا جيل ڪاٽي چڪا آهيون جنهن ڪري هن وقت ضمانت تي آزاد آهيون. هن چيو ته جيل ۾ قيد هجڻ دوران منهنجي گهر واري حسينه خاتون جي درخواست تي پوليس طرفان ڊي ايس پي ميران خان دراني جاچ ڪري عدالت ۾ رپورٽ ڏني ته ڌيءُ شاهده کي سندس مڙس علي گوهر جويو سندس پٽن، ڀاءُ ۽ ٻين قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو آهي اهڙي جاچ رپورٽ چار ڏينهن اڳ 11 نومبر تي پڌري ڪئي وئي پر ان جي باوجود رحمت پور ٿاڻي جي پوليس ظالم ڄاٽي سندس پٽن رستم، روشن، ڀائرن منٺار ۽ جاني جويو توڙي سهولتڪار سيف الله چانڊيو خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، ايس ايس پي نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.