خيرپور ناٿن شاهه ويجهو مسافر ڪوچ جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت

خيرپورناٿن شاهه (ن ع آ) خيرپورناٿن شاھ جي رحمت الله ڪالوني جي رھواسي 30 سالا نوجوان انور علي ولد روشن علي پنهور کي ايل پي جي پمپ سامهون انڊس هائي وي تي لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار ڪوچ زوردار ٽڪر هنيو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ پورهيت انور سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سندس پيءۡ ۽ ٻين شهرين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقا اسپتال پهچايو جتي هو زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو ،سندس لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو ، خيرپورناٿن شاه ٿاڻي تي فوتي نوجوان انور علي جي والد روشن علي پنهور جي فرياد تي ڪوچ ڊرائيور مٿان ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.