احمد پور ۾ ڳوٺاڻن جو احتجاج، بااثرن ۽ پوليس خلاف دانهون

احمدپور ( ن ع آ) احمدپور ويجهو ڳوٺ سمنگ جي رهواسي ڳوٺاڻن عنايت ﷲ سمنگ جي اڳواڻي ۾ پوليس ۽ بااثر ميين ڦلپوٽو جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي ڳوٺاڻي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته پوليس بااثر جي ونگار وهندي اسان مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن جڏهن ته هڪ مهينو اڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل مولابخش ڦلپوٽو جي قتل ۾ مهيني بعد داخل ڪيس ۾ ڀاءُ نعيم سمنگ کي نامزد ڪرائي کين ٻٻرلوء پوليس کان گرفتار ڪرايو جنهن معاملي جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ڀاءُ کي پير بادل تي ساک ڏني وئي پر ان باوجود به گهرن تي حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو جنھن بعد پوليس بااثر جي ونگار وهندي ٻن پوليس اهلڪار ڀائرن رحمت الله ۽ روشن سمنگ مٿان احمدپور ٿاڻي تي سرڪاري فرياد تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي جنھن ڪري دربدريءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهيون، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آئي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي معاملي جي اڻڌري جاچ ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.