ٽنڊي آدم ۾ پوليس جي ڪارروائي، هڪ ڄڻو گرفتار

ٽنڊو آدم (ن ع آ ) ٽنڊو آدم ۾  سٽي پوليس جي ڪاروائي هڪ ڄڻو گرفتار وڏي تعداد منشيات ۽ هڪ گاڏي هٿ رپورٽ موجب ٽنڊو آدم سٽي پوليس جي ايس ايڇ او طفيل ڀٽو هڪ ڪاروائي ڪري هڪ منشيا تفروش نديم ساهووال کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 11 ڪٽا مين پوري ،20 پيڪٽ سفينا ۽ هڪ ڪار برآمد ڪرڻ جي دعوا ڪئي آھي جنهن مٿان منشيات ايڪٽ ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

  • سنڌي شاگرد تحريڪ پاران اڄ حيدرآباد ۾ ڪنوينش ٿيندو

حيدرآباد (پ ر)  سنڌي شاگرد تحريڪ جي تعليم بچايو ڪانفرنس ۽ مرڪزي ڪنويشن اڄ شام 4 وڳي حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ٿيندو۔ ڪانفرنس ۾ قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿيندو۔ صدارت ايس ايس ٽي جو نئون چونڊيل مرڪزي صدر ڪندو. جڏھن تہ اديب، شاعر، تعليمي ماھر خطاب ڪندا۔ ٻئي طرف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ سنڌ جي تعليم کي سنڌ جي نااھل ڪرپٽ پ پ پ حڪومت ھٿ وٺي تباھ ڪري ڇڏيو آهي ۔ اسڪول کنڊر بنيل آھن۔ استاد ناھن۔ فرنيچر ۽ ٻيون بنيادي سھولتون ناھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪومت وٽ نياڻين جي تعليم جو ڪو پروگرام ناھي۔ ڪاليجن جي حالت رحم جوڳي آھي۔ حڪمران چاھين ٿا تہ سنڌ کي وڏيرن ۽ سردارن ذريعي ڪنٽرول ڪجي۔ اقتدار کي ناجائز قبضاگيري ۽ ڦرلٽ جو ذريعو بنايو ويو آھي۔. اياز لطيف پليجي چيو تہ بيڊگورننس جي ڪري سنڌ جا ادارا بدحالي جو شڪار آھن.

  •  اڪري پوليس پاران ڦر ڪيل  2 موٽر سائيڪلون هٿ

اڪري چودڳي  (ن ع آ)  ڊي ايس پي ٺري ميرواھ فدا اعواڻ  ۽ايس ايڇ او اڪري ارشاد راڄپر پاران اڪري ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪندي چيو  ته گذريل رات اڪري ٿاڻي جي حد ۾  معمول جي چيڪنگ دوران پوليس پارٽي ڦورن جي اطلاع تي سندن پيڇوڪيوڦورو گهيرو تنگ ڏسي ٻه موٽر سائيڪلون ڇڏي فرار ٿي ويا، هٿ ڪيل موٽر سائيڪلون ڪجھه ڏينهن اڳ ڦر ٿيل هيون جن مان هڪ مالڪ مصري خاصخيلي ۽ٻي يعقوب شر حوالي ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.