ڀان ۾ پوليس زيادتين خلاف احتجاج، نوجوان کي گم ڪرڻ جو الزام

ڀان سيدآباد ( ن ع آ ) ڀان سيدآباد ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان اسد راڌڻ جي وارثن امڙ زرينا راڌڻ، ڀاءُ راجا راڌڻ، سجاد راڌڻ، وقار راڌڻ، الهبچايو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب پهچي پوليس جي ناانصافين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي زخمي نوجوان اسد جي امڙ مسمات زرينا راڌڻ ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته ڀان سيدآباد پوليس چيڪنگ دوران موٽرسائيڪل نہ روڪڻ تي منهنجي پٽ اسد راڌڻ مٿان سڌي فائرنگ ڪئي، پوليس فائرنگ ڪري اسان غريبن سان وڏو ظلم ڪيو آهي، پوليس گوليون بہ هلائيون ۽ انصاف بجاء زخمي نوجوان اسد راڌڻ تي ڪوڙو مقابلو جو  ڪيس بہ داخل ڪيو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته زخمي اسد راڌڻ کي ڀان پوليس زخمي حالت ۾ سيوهڻ عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ مان گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو آهي اسان کي خدشو آهي ڀان پوليس ڪوڙو مقابلو ڪري اسان جي نوجوان کي ماري نه ڇڏي ،  هنن وڏي وزير مرادعلي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ پوليس کي اپيل ڪئي تہ فائرنگ معاملي جو نوٽيس وٺي شفاف انڪوائري ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.