سيٺارجا پوليس نينگر کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو، احتجاج

سيٺارجا(ن ع آ)سيٺارجا ٿاڻي جي پوليس گذريل رات دير سان ڏيپارجه ڀرسان ڳوٺ شاهنواز گهانگهرو مان 16 سالا نينگر نعيم ملاح کي زبردستي گهر ۾ داخل ٿي کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي وارثن پاران بار بار ٿاڻي جا چڪر ڪاٽڻ باوجود کين کي ٿاڻي تان ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي ٻڌايو وڃي پيو ته ايس ايڇ او کين کان رشوت طلب ڪئي نه ڏيڻ تي سندن نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ معصوم نينگر مٿان ڪوبه ڪيس داخل ناهي، وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو آهي هنن آءِ جي سنڌ کان اپيل ڪئي آهي ته ايس ايس پي خيرپور ۽ سندس دادلي ايس ايڇ او خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.