کوکراپار ۾ نوجوان کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

کوکراپار(ن ع آ) ميمڻ ڳوٺ ۾ اجتماعي ڏاڍائي جو شڪار نينگري جي ڀاءُ کي هٿياربندن هٿان اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ميمڻ ڳوٺ ۾ ڪجھ وقت اڳ اجتماعي ڏاڍائي جو شڪار ٿيل نينگري حديقه ميمڻ جي ننڍي ڀاءُ جنيد ميمڻ ڪالهه عوامي پريس ڪلب ملير ميمڻ ڳوٺ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين کي ٻڌايو آهي ته گذريل ڏينهن صبح جو پنهنجي پيءُ جاويد ميمڻ کي ميمڻ ڳوٺ مان ٻڪراپڙي ڊيوٽي تي ڇڏي واپس گهر اچي رهيو هئس ته رستي تي موٽر سائيڪل سوار ٻُٽ ٻڌل 2 هٿياربندن هٿيارن جي زور تي مونکي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران اڻ ڄاتل جوابدار موٽر سائيڪل سميت جهنگ ۾ ڪري پيا ۽ آئون اتان ڀڄي گهر پهتس پنهنجي والد سان رابطي کانپوءِ امڙ ۽ ٻين گهرڀاتين سان گڏ ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي پهچي درخواست داخل ڪئي آهي پر اڃان تائين جوابدارن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي ويئي آهي. هن چيو ته ڏاڍائي به اسان سان ڪئي ويئي آهي ۽ انتقامي ڪاروائيون به اسان سان ڪيون پيون وڃن هن وقت اسان فريادين جون حياتيون خطري ۾ آهن هن آءِ جي سنڌ ، ڊي جي رينجرز ، ايس ايس پي ملير ۽ ٻيا وس وارا جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ڏين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.