هتي عورتون غلام آهن، کين بنيادي حق نٿا ملن;حيدرآباد ۾ تقريب

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌي عورت تنظيم جو ساليانو ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ تنظيم جي سال 2021-2022 جي مرڪزي باڊي جي چونڊ ڪئي وئي، شهزادي ڀرڳڙي صدر ۽ نور بلوچ کي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي چونڊيو ويو، جڏهن ته سينيئر نائب جي عهدي تي نظير قريشي، نائب صدر نازيه ڀٽي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سعيده گوپانگ، جوائنٽ سيڪريٽري ڪوثر چارڻ، رابطا سيڪريٽري فرح جتوئي، آفيس سيڪريٽري سنبل قريشي ۽ پريس سيڪريٽري جي عهدي تي مرڪ لانگاهه کي چونڊيو ويو، اهڙي طرح مرڪزي عهديدارن سان گڏ سمبارا جتوئي ۽ ڪونئر ٻائي سميت 48 عورتن تي ٻڌل مرڪزي ڪميٽي جي پڻ چونڊ ڪئي وئي. حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم سنڌ ميوزم ۾ منعقد ڪيل ڪنويشن ۾ چونڊيل عهديدار عورت اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان جي سماج ۾ عورتون اڃا غلام آهن، انهن کي زندگي جي بنيادي حقن کان به محروم رکيو ويو آهي. عورت کي انسان ئي نه ٿو سمجهيو وڃي، ٻهراڙي ۾ سماج دشمن ماڻهو جانور ۽ عورت کي هڪ جيتري اهميت ڏين ٿا، مرد اڄ به عورتن کي پنهنجي ملڪيت سمجهي ڪوڙي انا جي خاطر عورتن کي ڪوڙن بهانن سان ڪاري ڪري مارين ٿا. هنن چيو ته عورتون غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن، جيڪڏهن اهي پنهنجي حقن لاءِ ٿورو به آواز اٿارين ٿيون ته بيگناهه قتل ڪيون ٿيون وڃن، اسان جي سماج ۾ عورتون غلامي جي ڄار ۾ سوين سالن کان ڦاٿل آهن. هنن وڌيڪ چيو ته جن به ملڪن عورتن کي برابر حق ڏنا آهن اهي ملڪ ڪجهه ئي سالن ۾ سياسي، معاشي ۽ ثقافتي طرح ترقي جا ڏاڪا طئه ڪري رهيا آهن ۽ انهن ملڪن جا مرد توڙي عورتون خوشحالي واري زندگي گذاري رهيا آهن، ڪنهن به ملڪ جو ترقي جو سبب ئي عورت جي آزادي سان جڙيل آهي، عورتون تمام وڏيون بهادر هونديون آهن، عورتون دنيا ۾ انقلاب ۾ هميشه وڏو ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن.هنن چيو ته سنڌ توڙي پاڪستان تيستائين ترقي جا ڏاڪا طئه نه ٿا ڪري سگهن جيستائين عورتن کي انساني بنيادي ۽ جمهوري حق ڏنا وڃن، انهن کي ملڪيت ۾ برابر حصو ڏنو وڃي، انهن کي تعليم ڏني وڃي ۽ زندگي جون سڀ بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن. ڪنوينشن ۾  پاڪستان جي ناليواري آرٽسٽ شيما ڪرماڻي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ قومي انقلابي گيتن تي مختلف ٽيبلوز پيش ڪيا ويا. مرڪزي ڪنوينشن ۾ پوري سنڌ جي مختلف شهرن مان وڏي انگ ۾ عورتن شرڪت ڪئي. ڪنوينشن ۾ ناظم جوکيو، فهميده سيال، عيني بلوچ ۽ ٻين شهيدن جي قتل سان انصاف ڪري قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت کان سخت ۽ عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ۽ سرداري ۽ جاگيرداري نظام جو عملي طرح خاتمو آندو وڃي. افغان ڀڳوڙن سميت ٻين غيرقانوني طور آيل ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏئي، سنڌ جي وسيلن ۽ نوڪرين تي غيرقانوني طور قابض ٿيل هزارين افغانين ۽ ٻين ڌارين جا ڪوڙا ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ رد ڪري کين فوري طور نيڪالي ڏني وڃي، سنڌ ۾ زبردستي مڙهيل قبائلي سماج جي انسان دشمن ريتن ۽ رسمن خاص طور ڪارو ڪاري ۽ ننڍي عمر جي ٻارن جون شاديون ڪرائڻ جي عمل کي فوري روڪي ٻين مذهبن جي نياڻين کي بنا تعليم جي زبردستي بليڪ ميلنگ ڪري مذهب تبديل ڪرائڻ بند ڪيو وڃي، پيٽرول ۽ بجلي جا اگهه وڌائي، مهانگائي چوٽ چاڙهي عوام کي خودڪشي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، پيٽرول ۽ بجلي جا اگهه گهٽايا وڃن، عام واهپي جي شين اٽو، کنڊ، چانهه، دوائن ۽ ٻين ضروري زندگي جي شين تي سمورا ٽيڪس معاف ڪيا وڃن ۽ وڌندڙ مهانگائي کي فوري طور روڪيو وڃي، عورتن ۽ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان ايمرجنسي لاڳو ڪري سندن تعليم جو ريشو سئو سيڪڙو ڪري عورتن جي روزگار تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، سنڌ ۾ وچڻندڙ بيمارين ڪورونا، ايڊز، ٽي بي، هيپاٽائيٽس، ڊينگي ۽ ٻين بيمارين جي روڪٿام جو بندوبست ڪيو وڃي، سموري سنڌ ۽ خاص طور لاڙ جي علائقن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.