وڏيرن ۽ حڪمرانن جي ڳٺ جوڙ ۽ سنڌ

تحرير؛سارنگ پيرزادو

سنڌ ڌرتي دنيا جو اهو ٽڪرو آهي جنهن لاءِ  مختلف دورن ۾ مختلف لقب چونڊيا ويا ڪڏهن امن جي ڌرتي ڪڏهن واپاري مرڪز ته ڪڏهن تعليم ۽ تصوف جو ڳڙھ پر نه صرف سنڌ تي لقب رکيا ويا پر هن جي مختلف شھرن تي به لقب هئا جن مان ٺٽو مدرسن جو شھر مشھور آھي هن ڌرتي مختلف دورن ۾ مختلف حالات پڻ ڏٺا آھن، ڪڏهن ارغونن جون ڪاهون ڪڏهن عربن جا قبضا ته ڪڏهن انگريزن جا ظلم پر هن ڌرتي ۾ ايترو ته حوصلو ۽ ايتريون قدرتي نعمتون آھن ۽ هتان جي ماڻھن اندر ايتري همٿ ۽ هنر رهندو آيو آهي جو هي ڌرتي انهن مشڪل حالات مان نڪري وري پنهنجي ساڳي حسن ۽ معيشيت کي اوج تي پهچائي پئي ڇڏي انهن سڀني دورن مان گذري سنڌ ڌرتي هيل هڪ وڏي عرصي کان وٺي هڪ نهايت ئي پيچيده ۽ مشڪل دور ۾ هلي رهي آھي هن دور ۾ سنڌ جي ايراضين تي هر ڏينهن قبضا ٿا ٿين سنڌ جو حسن زراعت حد کان وڌيڪ نقصان ڏسي رهيو آھي جنهن جو سبب پاڻي جي کوٽ ۽ هاري کي حق نه ملڻ آھي.

 سنڌ قدرتي نعمتن سان مالامال هجڻ باوجود بجلي ۽ گيس جي بحران کي منهن ڏئي رهي آھي هتان جا ماڻھو شاهوڪار ڌرتي جا رهواسي هجڻ باوجود غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گهاري رهيا آھن، تعليم نه هجڻ برابر رهجي وئي آھي ۽ افسوس ان ڳالھه جو آھي ته هي سڀ ڪجھه ڪنهن قابض جي حڪومتن ۾ نه پر سنڌ جي پنهنجن  سپوتن جي حڪومتن ۾ ٿي رهيو آھي ڇو ته اسان جو حڪمران طبقو فقط وڏيرن سردارن ۽ جاگيردارن جو ساٿ ڏئي رهيو آھي ۽ انهن جي مفادن تي ئي ڪم ڪري رهيو آھي ڪنهن سردار جي زمين تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ  ڀل ڳوٺن جا ڳوٺ سوڪهڙي جو شڪار ٿين ڪنهن جاگيردار کي ڪا نئين آبادڪاري ڪرڻي هجي ته ڀل ڳوٺن جا ڳوٺ ڊاهي پٽ ڪيا وڃن ڪنهن وڏيري کي وزارت کپي ته ڀل هزارين غريب ڪسجي وڃن ۽ سنڌ جي غريب عوام کي انهن وڏيرن جي ڄار ۾ مڪمل  ڦاسايو ويو آھي ڇو ته انهن جي پشت پناهي سڌي يا اڻ سڌي طرح حڪومت ڪري رهي آھي ان ڪري انهن جي خلاف نه ڪيس نه داد نه فرياد ان ڪري سنڌ اندر هر مهيني ڪو اهڙو واقعو رونما ٿو ٿئي جيڪو دل ۽ دماغ ڌوڏي ٿو ڇڏي ڪڏهن ڪنهن غريب کي وات ۾ پادر ڏئي وڏيري اڳيان هٿ ٻڌل ٿو ڏسڻو پوي ته ڪڏهن نياڻي کي زوري مذھب مٽائڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي ڪڏهن نياڻي کي سرعام پنڊال ۾ گڏ بيهي نچڻ جي آڇ نه قبولڻ تي گولي هڻي ساڳي پنڊال ۾ ماريو ٿو وڃي ته ڪڏهن ارشاد رانجهاڻي کي سنڌ جي راڄڌاني ۾ سر عام قتل ڪيو ٿو وڃي ته ڪڏهن هي وحشي وڏيرا جاگيردار پنهنجين نياڻين کي مارائي ۽ خودڪشي قرار ٿا ڏيارين ڪڏهن هي ڪنهن ڳوٺاڻي کان زمينون ڦري کيس ڳوٺ مان بي دخل ٿا ڪن ته ڪڏهن پاڻي لاءِ  احتجاج ڪندڙن تي سڌي فائرنگ ٿا ڪن ڪڏهن سنڌ جي اصلوڪن سنڌين جي ڀيٽ ۾ ڌارين جو پاسو ٿي پنهنجن ئي ووٽرن کي ڦٽڪا ٿا هڻائين اهي سڀ ڳالهيون به پنهنجي جاءِ تي دل کي بي پناهه ڏکائيندڙ آھن پر هي وحشي روح کي ڪانڊاريندڙ عمل اهو پيا ڪن ته پراون ملڪن جي شاهوڪارن جاگيردارن ۽ شھزادن کي سنڌ اندر شڪار جي بهاني عياشين جو ميدان ٿا ٺاهي ڏين هي اسان جا نام نهاد وڏيرا اهڙن وحشين کي اسان جون معصوم نياڻيون پيش ڪري پاڻ مراعتون ٿا ماڻين ۽ وري فخر سان ٿا گهمن پر هن ڌرتي اڃان روپلي ڪولهي ۽ دودي جهڙا سپوت ڄڻڻ بند نه ڪيا آھن جيڪي هنن جي نڙي تي ننهن ڏئي ڌرتي جي عزت بچائڻ لاءِ  سر قربان ڪرڻ کان نٿا ڪيٻائين.

 ڪالهھ ارشاد رانجهاڻي ان ڳالهھ جو ثبوت ڏنو ته اسين جيئرا آھيون ۽ سنڌ جا اصل وارث آھيون اڄ ناظم جوکيو هنن وڏيرن جا ڪڌا ڪردار پڌرا ڪيا آھن ايتري قدر جو اسانجي حڪمران جماعت کي به پنهنجو سر بچائڻ جي لڳل آھي روز ڪنهن وزير جو بيان ٿو اچي ته عرب شھزادا هت فقط شڪار ڪرڻ ايندا آھن پر سنڌ اڄ ناظم جوکيو کي جيئن پنهنجو هيرو ٺاهي ميدان عمل ۾ نڪري پئي آھي ۽ جيئن اسانجي ڌرتي جي جوڌن وڪيلن هن ڪيس کي نروار ڪيو آھي مان سمجهان ٿو ته اگر ان ئي طرح اسان جو عوام هن ڪيس سان سلهاڙيل رهيو ۽ ناظم جوکيو کي انصاف ڏيارڻ جي راهه تي هلندي وڏيرن ۽ سردارن کي ايئن وائکو ڪندو رهيو ته سنڌ ۾ وڏيرا شاهي کي وڏو ڌڪ رسندو وڏيرا شاهي جو انت  اچڻ ڏکيو به هجي پر هنن وحشين کي اهو ضرور بانور ٿيندو ته هاڻ اهو دور ناهي ته ڪنهن هاري يا غريب کي ايئن ماري اڇلائي ڇڏجي ۽ ان تي ڪا به ڪارروائي نه ٿئي هن وحشي کي پنهنجي وڏيرائپ ۽ پشت پناهي تي گهمنڊ ڏسو ته ناظم جوکيو جي ڀاءُ کي چئي ٿو ته کيس وٺي اچي وري سندس ڀاءُ جي سامهون کيس تشدد ڪيو ٿو وڃي ۽ ڀاءُ کي وڏيرو چئي ٿو ته تون گهر وڃ ان بعد کيس اذيتون ڏئي ماري ۽ اڇلايو ٿو وڃي.

 مطلب ته هن کي يقين هئو ته جيل ٿاڻا ۽ عدالتون منهنجو ڪجھه نه بگاڙينديون ٿورو سوچيو ته آخر ان کي اهو يقين ڇو هئو ان جو سبب آهي حڪومت پاران وڏيرن جي پشت پناهي جيڪا پاڻ وڏيرڪي نظام جي پيداوار آھي ٿورو غور ڪري ڏسو  ته اسان جي سنڌ حڪومت جن ماڻھن تي ٻڌل آھي انهن مان 90 سيڪڙو وڏيرا ئي آھن ۽ انهن جا پنهنجا اهڙا ئي ڪم ٿيل آھن جن مان ڪجھه واقعا وائکا ٿيا ته ڪجھه دٻائجي ويا انهن ئي حڪمرانن اهڙن وڏيرن کي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي ته پنهنجي تڪ جا بادشاه اوهان آھيو اتان جون وزارتون منسٽريون به اوهان جون اتان جو عوام به اوهان جي رحم ۽ ڪرم تي اسين عوام ۽ اوهان جي وچ ۾ نه اينداسين ڀل غريب وڃي وڏ وزارت جا در کڙڪائي ڪجھه به ڪري ٿيندو اهو جيڪو اوهان چاهيندا ڀل ماڻھن کي رڍن ۽ ٻڪرين وانگي ڪهو، ڀل کين باهه ۾ ساڙيو سندن نياڻين کي عياشن جي لاءِ  استعمال ڪيو ڇو ته حڪومت جماعت اندر ويٺل وڏيرن پنهنجي لاءِ  ۽ پنهنجي لاءِ  ۽ ٻين سڀني وڏيرن لاءِ  ظلم ۽ جبر  جي مڪمل آزادي وٺي ڇڏي آھي فقط ان عيوض ته پنهنجي جماعت جي برتري۽ حڪومت قائم رهي۽ انهن وڏيرن کي  ظلم ۽ جبر جا فقط لائسنس نه ڏنا ويندا آھن پر ان سان گڏ اهو به يقين ڏياريو ويندو آھي ته انهن ڪڌن ڪرڀ جهڙن ڪمن ڪري جيڪڏهن اوهان تي غلطي سان ڪو ڪيس لڳي ٿو وڃي ته پوءِ اسين اوهان لاءِ  حڪومت جي سڄي مشينري کي حرڪت  ۾ آڻي اوهان کي بچائينداسين ۽ پو وري غريب ڌر کي اهڙو سبق ڏينداسين جو وري ڪو شخص اها همٿ نه ڪندو بس صرف اسان جي حمايت جاري رکو ته جيئن حڪومت ۾ اسانجي جماعت هجي اهو ئي آھي اسان جي نمائنده حڪومت جو اصل روپ مان ته سنڌ جي باشعور طبقي کي ۽ وڪيل برادري کي اپيل ٿو ڪريان ته ناظم جوکيو جي قاتلن جي پشت پناهي ڪندڙ حڪمرانن کي به ان بهاني سان وائکو ڪيو وڃي ته جيئن سڄي سنڌ جي سامهون سندن اصل چهرو نمايان ٿئي متان ان کان پوءِ سنڌ ۾ ڪو انقلاب اچي ۽ واقعي سنڌ ۾ ڪا سنڌ سڌاريندڙ جماعت اڳتي نڪري اچي ۽ اسان جي قوم کي تعليم تربيت ۽ ٽئڪنالاجي طرف مائل ڪري ۽ سنڌ وري پنهنجي ساڳي حسن ۽ هنر طرف موٽي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.