پنج هزار اسڪول ختم ڪرڻ ئي واحد حل آهي ؟

تحرير؛

سنڌ جي صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته  صوبي ۾ پنج هزار اسڪولن کي  ختم ڪري رهيا آهيون.  هو تازو حيدرآباد ۾ لطيف شناسي بابت هڪ تقريب دوران خطاب ڪري رهيو هو. ان دوران  تعليم واري وزير ڪافي دلچسپ ڳالهيون ڪيون آهن. سندس چوڻ هو ته ، هُن پنهنجي کاتي جي حالت ڏٺي آهي ،جيڪا تمام گهڻي خراب آهي، هن ان تقريب دوران سوال ڪيو ته هو ڪهڙي منهن سان انهن اسڪولن جا دورا ڪري جتي ٻار زمين تي ويٺل هجن. هن اهو پڻ چئي ڏنو ته هو اسڪولن جو دوري ڪندي ڊڄي ٿو وڃي ته متان ڪو ملبو مٿس نه ڪري پوي.صوبائي وزير تقريب دوران پنهنجي کاتي ڪافي حد تائين  تصوير چٽڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا بهرحال  ڏک واري آهي.  صوبائي وزير ان موقعي تي اهو پڻ ٻڌايو ته  استادن جي ڀرتي جي لاءِ پنج لک اميدوارن مان تيرنهن هزار پاس ٿيا آهن. صوبائي وزير  سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعر شاه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۽ فڪر کي عام ڪرڻ تي زور ڀريو.

صربائي وزير سردار شاهه موجب صوبي مان  5 هزار اسڪول ختم ڪري رهيا آهيون. اسڪولن جو انگ گهٽائي سهولتون وڌايون آهن ۽ سنڌ ۾ بند پيل 5 هزار اسڪول غير موزن آهن جيڪي ٻيهر نه کولينداسين انهن 5 هزار اسڪولن مان 3600 اسڪول ختم ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي ڏينداسين ته اهي اسڪول هاڻ ختم آهن انهن جا سيمز ڪوڊ به ختم ڪيا ويندا. سرڪار  اسڪول جون اهي عمارتون ڀلي جانورن جي اسپتال. ڊسپينسري يا ڪميونٽي هال  جي مقصد لاءِ استعمال ڪري، اسان کي اعتراض نه هوندو. هن چيو ته آءِ بي اي طرفان ورتل ٽيسٽ ۾  13 هزار اميدوار پاس ٿيا آهن،  ميرٽ نه ڪرايون ها ته 10 هزار سفارشي ڀرتي ٿي وڃن ها. باقي سڀني کي پاليسي تحت رعايت ڏني وئي آهي. هن چيو ته  لطيف جي پيغام کي عام ڪرڻو آهي. سماج کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. تعليم پڻ  اهم چئلينج آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي اهو نصاب پڙهايو پيو وڃي. جيڪو جديد دور جي حالتن موجب ناهي.سندس چوڻ هو ته تعليم يافته سماج ئي لطيف جي پيغام سان روشناس ٿي سگهندو, ثقافت کاتي جي وزير طور 5 سال مڪمل ٿي ويا آهن. پنهنجي ادارن جي حالت ڏٺي آهي. جيڪا تمام گهڻي خراب آهي. اسڪولن جا دورا نٿو ڪري سگهان، ڪهڙي منهن سان اسڪولن ۾ وڃان، جتي ٻار زمين تي ويٺل هجن. اسڪول ويندي خوف ٿو ٿئي ته ڇت جو ملبو منهنجي مٿان نه ڪري پئي. هن چيو ته اسان کي اسٽيج تي بيهي لطيف سان ڪوڙا وچن نه ڪرڻ گهرجن. وزير تعليم آفيس ۾ 99 سيڪڙو ڪم ٽرانسفر جا ٿين ٿا. تعليم کاتو ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ کاتو بڻيل آهي. هن چيو ته استادن جي پرتي ۾ پهرين 55 سيڪڙو پوءِ 50 سيڪڙو ۽ ان کانپوءِ 45 سيڪڙو ۽ هاڻي33 سيڪڙو مارڪن جي ڳالهھ ڪئي وئي. جيڪڏهن ائين ڪجي ها ته پوءِ مارڪن جي ڪهڙي ضرورت آهي. ائين ئي استاد ڀرتي ڪري ڇڏيون ها. هن چيو ته هن آءِ بي اي وارن  کي چيو هو ته جيڪڏهن ڪابه گڙٻڙ ٿي ته سنڌ جي تعليم تباهه ٿيندي پر آءِ بي اي جو خانو به خراب ٿي ويندو، جيڪي ٽوئيٽر ۽ فيس بڪ تي مهم هلائي رهيا آهن. اها مون کي خبر آهي.

هن اهو پڻ چيو ته  هتي استادن جي ڀرتي کي  مذهبي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته ڪنهن شخص اوطاق لاءِ اسڪول ٺهرايو آهي. ان کي سسٽم مان ڪڍيو ويندو .هن چيو ته2022 ع  ۾ موهن جي دڙي جي دريافت کي سئو سال مڪمل ٿي ويندا. ان حوالي سان سڄي سنڌ ۾ سرگرميون ڪيون وينديون،

اهي سموريون ڳالهيون سنڌ جي هڪ صوبائي وزير ڪيون آهن جيڪو پاڻ به ادب ۽ فن دوست شخص آهي، سندس ڪجهه ڳالهين مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته  ڪن معاملن ۾ سندس ئي وزارت جي اندر هو پاڻ بيوس آهي. جنهن جي سڌي اڻسڌي دانهن هن جي اظهار   مان پڌر ٿي رهي آهي.

اهو درست آهي ته هن تعليم واري وزارت ۾ پنج سال پورا ڪيا آهن پر وري به شڪايتون ۽ مسئلا ته پنهنجي جاءِ تي موجود آهن.

صوبائي وزير جي ٻين ڳالهين سان گڏ اها عجيب ڳالهه آهي ته هو پنج هزار اسڪولن کي ختم ڪري رهيا آهن،اها هڪ تلخ حقيقت آهي ته هر دور ۾ هن حساس کاتي ۾ سياسي مداخلت ٿيندي پئي رهي.جنهڪري هاڻي صورتحال ان کان وڌيڪ  خراب آهي جنهن جو عمومي اندازو ڪيو وڃي ٿو. ان هوندي به ڇا تعليم کاتي وٽ صرف غير فعال ٿيل 5 هزار اسڪولن جي بند هئڻ بابت هڪڙو ئي حل آهي ته اهي اسڪول ئي بند ڪيا وڃن ؟

اهڙي فيصلي جو مطلب اهو ٿيندو ته موجوده سرڪار انهن علائقن ۾ جتي جون  ا سڪولي عمارتون وڏيرن يا اتي جي باثرن جي ڪنٽرول ۾ آهن انهن کي منهن ڏيڻ جي سگهه نٿي رکي.اسڪولن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ بنياد ڪهڙا به هجن پر انهن کي حق بجانب نٿو قرار ڏئي سگهجي.

ٿي سگهي ٿو اهي اسڪول جون عمارتون اتي جي بااثرن يا هاڻوڪن سگهارين ڌرين جي وڏڙن ئي منظور ڪرايون هجن، جتي استاد به انهن پنهنجي مرضي سان ئي مقرر ڪرايا هجن وري اهي به ڊيوٽي نه ڪندا هجن،  ان جي باوجود اهو اهڙو مسئلو آهي جنهن جي ڪري اسڪولن جو وجود ئي ختم ڪري ڇڏڻ ڪا معقول ڳالهه نه آهي.

اسان جي گذارش آهي ته هي ڪو ننڍڙو معاملو ناهي جي اهي اسڪول هڪ ڀيرو ختم ٿي ويا ته پوءِ وري ڪڏهن ان علائقي جي ٻارن  کي اسڪولن ملندا ؟ ان ڪري ان تي غور ويچار ڪري انهن علائقن جي نشاندهي ڪري اتي مقامي سطح تي عام ماڻهن سان لهه وچڙ ڪري انهن کي علم جي اهميت بابت آگاهي ڏني وڃي.

ڪيتريون ئي اين جي اوز  پنهنجن مقصدن جي حصول لاءِ مسلسل جدوجهد ڪري ڪامياب ٿي ٿيون وڃن، آخر سرڪار انهن مسئلن جو ڪو جوڳو حل نه ڳوليندي ته پوءِ عوام ڪنهن مان اميدون رکندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.