ڇا واقعي حڪومت کي ڪو خطرو آهي ؟

تحرير؛شوڪت علي جلباڻي

ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ جڏهن کان رويو(نظرثاني) جو اصول اختيار ڪيو ويو ته جديد ٽيڪنالاجي ميدان ۾ ٿيندڙ غلطين جو ازالو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، امپائر جي آڱر مٿي کڄي به وڃي ته ڪريز تي موجود رانديگر کي استحقاق آهي ته امپائر جي ڪيل فيصلي جو رويو وٺي يا ميدان ۾ موجود رانديگرن کي استحقاق آهي ته اهي امپائر جي ڪيل فيصلي جي خلاف ٻه دفعه رويو وٺي سگهن ٿا، پر ملڪي سياست ۾ آڱر کڄڻ يا نه کڄڻ کان پوءِ امپائر جي ڪيل فيصلي جو رويو نه ٿو وٺي سگهجي، ڇو ته هت امپائر کي استحقاق آهي ته پنهنجي ڪيل فيصلي  تي جيڪڏهن پاڻ نظرثاني ڪري ته ٺيڪ ٻي صورت ۾ ميدان عمل ۾ موجود سياست جي کيڏارين وٽ ون سائيڊ پلي يعني هڪ پاسي واري راند ڏيکارڻ کان علاوه ڪي به ٻيا آپشن موجود ناهن هوندا.

هن وقت ملڪي ميڊيا جي ماحول ۾ هڪ دفعو ٻيهر عمران خان جي حڪومت وڃڻ جا چوٻول آهن ، عمران خان جنهن کي اقتدار کان پهرئين امپائر جي آنڱر توڙي امپائر جي فيور تي ناز هو ،وزيراعظم عمران خان اقتدار جي ملڻ کانپوءِ پوري دنيا ۾ هڪ پيج جي ڳالهه دهرائيندو رهيو آهي ۽ ميدان ۾ موجود امپائر به هر ممڪن سندس فيور ڪيو،آخر هن وقت ڪهڙيون اهڙيون حالتون پيدا ٿيون آهن جو دفاعي تجزيه نگار جيڪي ملڪي دفاع تي تجزيو گهٽ ڪندا هئا پر عمران خان جي تعريفون ڪرڻ ۾ گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ڪندا هئا سي اڄڪلهه ملڪي حالتن جي  تباهي جو ذميوار پوئين سياستدانن سان گڏ عمران خان به چئي رهيا آهن، قومي ميڊيا تي وفاقي وزير به هن وقت انهن دفائي تجزيه نگارن جي موجودگي ۾ فنٽزم ۽ ريلزم جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ ماضي جي حڪمرانن سان گڏ فنٽزم جي حامين کي ملڪي حالتن جو ذميوار قرار ڏيئي رهيا آهن، آخر ڇو ؟ ڪهڙا سبب آهن ،ٿورو کولي لکون پاڪستان جي تاريخ ۾ آمرن جي خلاف به تحريڪون هليون پر اسٽيبشلمينت جو ذڪر جيترو تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪيو ايترو پاڪستان جي 74 سالن جي تاريخ ۾ ڪڏهن به نه ٿيو، ملڪي اسٽيبلشمينت توڙي حڪومت ۾ آخر ڪهڙا ويڇا پيدا ٿيا آهن جي حڪومت  جي گهٻرائڻ جو وقت اچي ويو آهي؟ پڙهندڙ سياڻا آهن سڀ سمجهن ٿا  ته حڪومتي اتحادي جيڪي هميشه پرو اسٽيبلشمينٽ رهيا آهن اهي حڪومت کان عليحدگي  جو اظهار ڇو ڪري رهيا آهن، منهنجي نظر ۾ ته اها ئي ته سياست آهي  يعني پنهنجي  طاقت جو مظاهرو ڪرڻ ،   مسلم ليگ ق  ۽ سنڌ ۾ موجود جي ڊي اي حڪومت کان بيزار ۽ نالان نظر اچي پئي، مسلم ليگ ق هجي مسلم ليگ ف ٻنهي وٽ 5 ۽ 3 سيٽن جي باوجود 2 ،2 وزارتون موجود آهن ، ايم ڪيو ايم جنهن ٽي ايل پي کان معاهدي کانپوءِ پاڻ تي مڙهيل پابندين کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو هو ته جيڪڏهن ٽي ايل پي کي فورٿ لسٽ مان ڪڍي سگهجي ٿو ته ايم ڪيو ايم کي ڇو نه، ٽي ايل پي جي ڪلعدم ٿيڻ کانپوءِ انهن ڪا ٻئي جماعت ٺاهي رياستي گنگا مان سننان نه ڪيو هو ۽ ٻئي جماعت طور پاڻ کي رجسترڊ نه ڪرايو هو، پر ايم ڪيو ايم تي ٽي ايل پي جيان را ۽ هندستان کان فنڊنگ کان وٺي ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻوري بند لاشن جا ثبوت رياستي ادارن وٽ موجود هئا جيڪي ڪيترين ئي عدالتن ۾ پڻ ثابت ٿي چڪا آهن تنهن ڪري انهن کي رياستي گنگا ۾ سننان ڪري ، ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جا اصطلاح استعمال ڪرڻا پيا،اها ٻئي ڳالهه آهي ته الطاف حسين کان علاوهه باقي سڀئي چهرا اهي آهن جيڪي ايم ڪيو ايم لنڊن جي پابندي جي وقت تائين الطاف حسين جو دفاع ڪندا هنا، هن  مهل  ايم ڪيو ايم وقت جي نزاڪت سمجهندي ماضي واريون حڪمت عمليون استعمال ڪيون آهن ۽ ڪندا اچن پيا ، ايم ڪيو ايم جڏهن  پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومت ۾  اتحادي رهي ۽ پ پ پ کي مسلسل حڪومت کان ڌار ٿيڻ جون ڌمڪيون ڏيندي هئي ته  نثار کهڙو ۽ ناصر شاهه جڏهن ملاقات ڪندو هو ته اهي پنهنجا اعلان واپس وٺي ڇڏيندا هئا، ظاهري ڳالهه ته مخالف ڌر هجي يا کڻي حڪومتي اتحادي حڪومت جي خلاف تحريڪ هلا.ئڻ جي انهن کي ڪو عوام جي مسئلن ۽ عوام جو درد نه ٿو ڳاري جي هو پنهنجا سياسي مفاد هڪ پاسي ڪري عوامي مفاد جون ڳالهيون ڪن، هن وقت به ساڳي صورتحال آهي چوڌري پرويز الاهي هڪ طرف  پنجاب جي وزيراعليٰ عثمان بزدار مان غيرمطمئن آهي ته ٻئي طرف سندس کي عمران خان مان اميدون آهن پاڪستاني سياست جي روايت رهي ته اتحادي هميشه اهڙن موقعن جي تلاش ۾ هوندا آهن ته جيئن پنهنجو قدر وڌائي سگهجي، حڪومتي وزيرن کي جٿي اتحادين جا خدشا دور ڪرڻ جي لاءِ چيو ويو آهي اتي وزيراعظم عمران خان  پنهنجي جماعت ۽ اتحادي ايم پي ايز کي ترقياتي فنڊ جاري ڪرڻ جون هدايتون پڻ ڏيئي ڇڏيون آهن، يعني اتحادين جا مسئلا انهن ترقياتي فنڊن يا وري ڪجهه وزارتن جي مٽا سٽا تي طئه ٿي ويندا.

ملڪ ۾ طاقت جو سرچشمو عوام آهي انهي نعري کي جلسن ۾ ۽ ٽي وي چينلن ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ ٻڌندي ٿي سگهي ٿو ته مون جهڙو سادو ماڻهون يقين ڪري ويندو هجي پر عوام به هاڻي سمجهي چڪو آهي ته طاقت جو سرچشما اڃا ئي ڪي ٻيا آهن تنهن ڪري ئي شايد مخالف ڌر جي ڌرڻن توڙي جلوسن کي موٽ ناهي ملي ،نه ئي وري ضمني چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي ڪا موٽ ملي آهي ، وري ڊسڪه واري ننڍي چونڊ ته ڄڻ حڪوتي مقبوليت واري پت به وائکي ڪري ڇڏي ، ان لاءِ ملڪ ۾ سياسي جماعت ڪهڙي به هجي پر انهن کي عوام کان علاوهه ٻين درن تي پنهنجي ساک ٺاهڻي پئي ٿي،  جهڙُوڪ مولانا فضل الرحمان ڪراچي ۾ ٿيندڙ جلسي ۾ خطاب ڪندي،  ملڪي ادارن  کي  حقيقتن کي سمجهڻ ۽ پنهنجي ڪردار تي نظر ثاني ڪرڻ جو اسرار ڪري رهيو آهي ، ياد رهي ته  ڪجهه مهينا پهرئين مولانافضل الرحمان بلاول ڀٽو کي بيڪ ڊور رابطن جي وسيلي رليف وٺڻ جو الزام ڏنو هئو ته سگهارين ڌرين جي طرفان مولانا صاحب کي گهڻو ڪجهه ملي رهيو هو پر هن انڪار ڪيو، اهڙي ريت پيپلزپارٽي به مسلم ليگ نواز تي بيڪ ڊور رابطن جو ويجهڙ ۾ ئي الزام هڻي چڪي آهي،

پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن  وارا ٽيليويزن ۽ جلسن جلوسن ۾ ته ان ڳالهه تي زور ڏين ٿا ته عمران خان کي هٽائڻ ملڪ لاءِ لازمي آهي پر اندر ۾ اهي سمجهن ٿا ته هن وقت عمران خان کي هٽائڻ انهن جي حق ۾ نه رهندو جڏهن مولانا فضل الرحمان جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته عمران خان کي جلد کان جلد هٽائي ٿوري ئي عرصي لاءِ سهي پر اقتدار جا مزا ماڻجن ۽ قوم کي پنهنجي جماعت جي سگهه ڏيکاري سگهجي ، يقينن جيڪڏهن هن منظرنامي ۾جيڪڏهن عمران خان کي هٽايو ويو ته سڀ کان وڌيڪ سياسي فائدو مولانا فضل الرحمان ۽ سندس جماعت کي ٿيندو،  مولانا جي جماعت جي سيٽن کي ملائي ايم ايم اي وٽ  15 سيٽون آهن جنهن ۾ جماعت اسلامي به سياسي طور تي ڄڻ ايم ايم اي کي الوداع چئي چڪي آهي، هاڻي ٿورين سيٽن جي باوجود جيڪڏهن مخالف ڌر جو ڪو حڪومتي سيٽ اپ ٺهي ٿو پوي ته سڀ کان اهم ڪردار مولانا صاحب جو سمجهيو ويندو، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ نواز جي سياسي قيادت ايتري ناپيد ناهي جو ملڪ جي اهڙين حالتن ۾ اقتدار وٺن ، جٿي انهن وٽ بدنامي ۽ مسئلن کان سواءِ ڪجهه به نه رهيو هجي، ان جي ڪري سياسي جملي بازيون ٿينديون رهنديون ۽ شيخ رشيد جي چواڻي ته هي جيڪي مخالف ڌر جا جلسا آهن اهي ته اڳئين چونڊ جون تياريون آهن ،آئون ان ڳالهه سان اتفاق به رکان ٿو  پر ائين به هرگز ناهي ته مخالف ڌر ماٺ ڪري ويهي رهندي، ان هائوس تبديلي ، نو ڪانفيڊنس ووٽ توڙي وقت کان اڳ اليڪشن ڪرائڻ جون ڳالهيون مخالف ڌر وارا ڪندا رهندا ۽ حڪومت مخالف ڌر کي انگيج ڪرڻ جي لاءِ باقي رهيل ڪجهه عرصي ۾ مختلف ڪيسن ۾ ٻيهر مصروف ڪندي، جنهن جو عملي مظاهرو آصف علي زرداري  جي خلاف 25 سال پراڻو ڪيس جنهن ۾ آصف زرداري کي 2014 ۾ بريت  ملي چڪي هئي ۽ نيب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي اهو ڪيس ٻيهر کوليو ويو آهي،

عمران خان کي ٽي رڪني سپريم ڪورٽ جي بينچ 16 ڊسمبر جي اي پي ايس واري سانحي واري شنوائي ۾ گهرائي ڄڻ سندس مشڪل آسان بڻائي ڇڏي، مهانگائي جي طوفان ، آءِ ايم ايف جي پروگرام ۽ ڊالرن جي بي لغام اڏام جٿي عوام ۾ وڃڻ مشڪل بنائي ڇڏيو هو اتي انهي پيشِي وزيراعظم عمران خان جي  حڪومت کي ِ هڪ نئون جيون دان ڏيئي ڇڏيو آهي، عدالت ۾ وزيراعظم عمران خان جو اهو بيان ته  ملڪ ڪا به مقدس ڳئون ناهي ان ڪري عدالت انهن کي حڪم ڪري ته حڪومت عدالت جي حڪم تي عمل يقيني بڻائيندي، ياد رهي ته هي ڪيس ٽي ٽي پي يا القاعده تي ناهي هن ڪيس جو متن آهي ته سانحي اي پي ايس ۾ جيڪي سيڪيورٽي ليپس ٿيا انهي جي ذميوارن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ، هاڻ انتظامي طور تي جيڪڏهن ليپس ٿيا ته ان وقت  جي انٽيليجنس ادارن کان وٺي  دفاعي ادارن تي ڳالهه ٿيندي، حڪومت مهيني جي اندر رپورٽ جمع ڪرائيندي پر ڇا حڪومت لاءِ اهو ممڪن آهي ته ان وقت جي انتظامي اعليٰ اختيارن جي خلاف ڪارروائي ٿي سگهي، جيڪڏهن پرويزمشرف جي خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي  ته يقينن پوءِ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو پر ائين ممڪن ناهي ڇو ته ان وقت ملڪ ۾ اهڙا ڪيترائي سانحا ٿيا جن ڪري عوام جي جانين جو نقصان ٿيو پوءِ هڪ نئون پنڊورا باڪس کلي ويندو ته هاڻ هر هڪ دهشتگرد وارين واقعن جي تحقيق ڪئي وڃي ۽ سيڪيورٽي ليپس جو تعين ڪيو وڃي،  ها حڪومت جي لاءِ آساني ضرور  پيدا ٿي ته وري اسٽيبلمينٽ ۽ حڪومت هڪ پيج تي اچي وڃن ،نوازشريف توڙي ان وقت جا جيڪي سول ادارن جا سربراهه هئا انهن جي خلاف ته ڪارروائي ڪئي ويندي يا معاملي کي اينگهايو ويندو

مان سمجهان ٿو ته عدالت سڳوري توڙي حڪومت ان طرف نه ويندي، بس والدين کي ڪهڙِ ي ريت مطمئن ڪري خاموش ڪرايو ويندو، اهڙي ريت حڪومت کي هڪ دفعو ٻيهر امپائر وٽ  پاڻ وڻائڻ جو موقعو ملي ويندو.اهو ئي حڪومت جي اعتماد جو راز آهي ته عمران خان پنهنجن وزيرن مشيرن کي هدايتون ڏيئي ڇڏيون آهن ته اهي به پنهنجن تڪن ۾ وڃن اتي وڃي  جلسا ڪري عوام جي اڳيان حڪومتي ڪارڪردگي رکن ۽ ترقياتي ڪمن جي جاچ ڪري انهن کي 2023 کان پهرئين مڪمل ڪرائي وجهن ، ته جيئن ڪجهه فيس سيونگ ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.