پاڪستاني سماج جو پٺتي وڃڻ جو سبب

تحرير؛ايوب ملڪ

يورپي سماج ۾ قوم پرستي، حب الوطني ۽ فرقيوارڻي  عوامل سماج ۾ فخر واري احساس سان سلهاڙيل برتري جي جذبن کي اڀاريو. جن سڀني کان اڳ سترهين صديءَ ۾ ٽيهه سالن کان هلندڙ فرقيوار فسادن ۽ ان بعد پهرين ۽ ٻين مهاڀاري جنگين سموري يورپ ۾ تباهين کي جنم ڏنو.هڪ قوم جو هيرو ٻين قومن جي لاءَ ولين بڻجي ويو. پر ان سماج آهستي آهستي گڏيل تاريخ ذريعي نفرت ۽ تعصب کي دور ڪيو. وچين دور ۾ جيستائين چرچ غالب رهيو سماجي تبديليءَ عقيدن جي اثر هيٺ رهي.پر ان کانپوءُ نشات ثانيه جي تحريڪ يعني روشن خيالي جي تحريڪ ۽ مذهبن ۾ سڌاري واري تحريڪ کانپوءِ سماج فڪري بنيادن ۽ انفرادي آزاديءَ جي اهميت  کان آگاه ٿيو. سموري دنيا جا تاريخدان هميشه ڪوشش ڪندا آهن ته ماضي ۽ حال جي وچ ۾ هڪ مڪالمو ڪري  سماج جي جوڙ جڪ ڪئي وڃي، پر ان جي ابتڙ هندوستان ۾ مذهبي خيالن جي ڪري  تاريخ جي ان عمل تي ٿورو به توجه نه ڏنو ويو  ۽ دنياوي معاملن جي بجاءَ روحاني ترقيءَ کي وڌيڪ اهميت  حاصل رهي.برهمڻن جو اهو نظريو هو ته دنيا گهڻي قديم ۽ زوال ڏانهن ويندڙ آهي. مافوق الفطرت قوتون انساني تقدير بدلائين ٿيون. جنهن نظرين ۾ تاريخي فڪر ۽ سماجي تبديلي  جي عنصر کي اڀرڻ نه ڏنو.پاڪستان ۾ پڻ جنرل ضياالحق  آمريت جي استحڪام جي لاءِ مذهبي نطرين کي استعمال ڪيو، جنهن سان جمهوري ادارن ۽ راويتن جي پاڙ پٽجي  وئي.پاڪستان جي 24 سالن جي تاريخ  ۾ حڪمران طبقن انهن وصفن ۽ قدرن کي به عقيدي ۽ ڪڏهن ڪڏهن حب الوطني جي يلغار سان دائمي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪي هنن جي مفاد ۾ هوندا هئا.دانشورن جو خيال آهي ته پاڪستان جهڙو سماج اڳيان وڌڻ  جي بجاءِ هڪڙي دائري ۾ ئي گردش ڪري رهيو آهي. جنهن جو منظر گذريل پندرهن ڏينهن دوران پنجاب جي وڏن شهرن لاهور،گوجرانواله، گجرات ۽وزير آباد ۾ ڏسڻ لاءِ مليو، جتي رستا، تعليمي ادارا ۽ بازاريون بند رهڻ جي ڪري زندگيءَ معطل بڻجي وئي. اقتصادي طور تي سماج کي تقريبن هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جو نقصان پيو. پوليس ۽ ڌرڻو هڻندڙن ۾ جهڙپون ٿينديون رهيون.جنهن تي اطلاعات وارو وزير ۽ داخلا وارو وزير ڌرڻو هڻندڙن کي روايت موجب دهشتگرد ۽ هندوستان نواز قرار ڏيندا رهيا. ان کانپوءِ اوچتو مفتي منيب الرحمان ۽ مولانا بشير فاروقي ميدان ۾  آيا ۽ حڪومت جي بجاءِ ڪنهن ٻئي هنڌ ڳالهيون ڪندي هڪڙو ڏهه نڪاتي معاهدو  تيار ڪيو.جنهن کي ڳجهو رکيو ويو. هڪڙي پاسي عمران خان ڌرڻي وارن کي سختي سان منهن ڏيڻ پئي چاهيو ته ٻئي پاسي بقول مفتي منيب الرحمان ته مونکي فون ڪري ان معاملي کي حل ڪرڻ جي لاءِ گذارش ڪئي وئي.۽ جيئن ته سياستدان ته معاملا خراب ڪري گم ٿي ويندا آهن۽ معاملن جي خرابي جو سمورو ذمو قومي سلامتي جي ادارن تي پوندو آهي، تنهنڪري انهن مسئلن جو حل فهم فراست سان ئي ڪڍيو ويو. سينئر صحافي نجم سيٺي جي بقول ڳالهين واري عمل جو وزير اعظم کي پتو ئي نه هو.ڇاڪاڻ جو هو ڪابينا جي وزيرن کي ٻڌائي چڪو هو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ڌرڻي هڻندڙن کي سختي سان منهن ڏيندي. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ آئين جي بالادستي ۽ سويلين سپر ميسي  جي مقصدن حاصل ڪرڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو. وزير اعظم عمران خان کي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي پارٽي جي ميمبرن خلاف سختي سان ايڪشن وٺڻ گهرجي. جيڪي ڌرڻو هڻندڙڻ سان چونڊ اتحاد جو اشارو ڏئي رهيا آهن.انهن فسادن ۾ جيڪي ڏهه پوليس وارا مارجي ويا انهن جي گهرن جو منظر ڏسڻ  بعد لڙڪن کي ڪو به روڪي نٿو سگهي.پر انهن سمورن خلاف به تحريڪ انصاف جي حڪومت  ڪيسن واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ايئن ئي جاري رهيو ته ان سان سماج ۾ تشدد ، نفرت ۽ تعصب کي هٿي ملندي. جنهنجي سموري ذميداري تحريڪ انصاف جي حڪومت تي پوندي،ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان فيض آباد ڌرڻي جي شرڪت ڪندڙن جي مطالبن  جي هميشه حمايت ڪندو رهيو آهي، جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  نه رڳو ان ڌرڻي کي غير قانوني قرار ڏنو هو بلڪه سپريم ڪورٽ جي ججن جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هڪ اهڙو تاريخ ساز فيصلو پڻ جاري ڪيو هو جنهن ۾ اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت کي مستقبل جي لاءِ تجويزون ڏنيون ويون هيون. پر حڪومت ڪڏهن به انهن فيصلن تي ڪن نه ڏنو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ  عمران خان جا وزير ڪنفيوز ۽ بي وس نظر اچي رهيا آهن. پر قدرت رکندڙ قوتون پنجي نظم ضبط جو فائدو وٺي  بهتر طور تي پيش آيون بلڪه سياسي حڪومت جي بيوسي  کي پڻ عوام آڏو وائکو ڪري ڇڏيائون.اڄ هندوستان ۽ پاڪستان ۾ سماجي طور تي پٺتي پوڻ ۽ ايڪيهين صديءَ جي روايتن سان نه هلڻ جو اصل سبب فرقيواريت، بنياد پرستيءَ ۽ تعصب آهي جنهن کي حڪمران پنهنجي سياسي عزم جي تڪميل جي لاءِ استعمال ڪن ٿا، جڏهن ته يورپين سوسائٽي ان جي ابتڙ پنهنجي عوام سان گڏ فلاحي رياست جي عنصرن کي اجاگر ڪري ترقي ۽ ڪامراني ڏانهن وڃي رهي آهي، اڄ وقت جي اهم ضرورت آهي ته پاڪستان ۽ هندوستان جا حڪمران دانشور ن سان گڏجي اهڙي بحث جي شروعات ڪن جو حقيقتون پنهنجي جاءَ تي رهن، پر شعور جي بدولت اهڙي تاريخ جوڙي وڃي جيڪا حڪمرانن،آمرن ۽ مذهبي گروهن جي لڪيل مفادن  کي عوام جي سامهون آڻي ته جيئن يورپ وانگر اسان وٽ پڻ سياست، ملڪ، قوم پرستي،انصاف جي ادارن ۽ قومي سلامتي جا ڊپارٽمنٽ ڪنهن به قيمت تي سماجي مفادن کان مٿاهان نه ٿي سگهن.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.