ٺري ميرواهه ۾ ديڳ جو گرم پاڻي هارجڻ سبب نينگر زخمي

ٺري ميرواھه (ن ع آ)  ٺري ميرواھ جي جوڳي محله ۾ يتيم معصوم نينگر سهيل احمد پٽ مرحوم شيرمحمد جوڳي ديڳ جو گرم پاڻي مٿان هارجڻ سبب سڙي زخمي ٿي پيو جنهن کي سندس وارث علاج لاء ٺري ميرواھ اسپتال کڻائي آيا جتي سندس علاج جاري هيو جڏھن ته نينگر جي وارثن ٻڌايو ته اڄ اسان وٽ ٺري شهر ۾ شادي جو پروگرام هيو جتي عصر وقت نينگر ديڳين جي رڌ پچاءُ واري جاءِ تي باھ تي هٿ سيڪي رهيو ته اوچتو سندس مٿان ديڳ جو گرم پاڻي هارجي پيو جنهن ۾ هو سڙي زخمي ٿي پيو آهي. جڏھن ته بيسهارا يتيم معصوم نينگر کي وڌيڪ علاج لاءِ گمبٽ اسپتال نيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.