وفاقي حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪا م آهي: نفيسه شاھ

خيرپور( ڊ ر )پاڪستان پيپلزپارٽي  جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاھ جيلاني چيو آهي ته موجده حڪومت مڪمل طور تي ختم ٿي چڪي آهي سنڌ مان 70سيڪڙو گئس نڪري ٿي پر 25 سيڪڙو به سنڌ کي گئس نه ٿي ڏني وڃي ۽ مرڪزي حڪومت گھريلو گئس لوڊشيڊنگ جو اعلان ڪري ٿي اهڙي ڳالھ هن خيرپور جي سينئر صحافي ۽ پريس ڪلب خيرپور جي جنرل سيڪريٽري ثناءُالله ميمڻ جي ڀاءُ جي وفات جي تعزيت دوران آيل ڪارڪنن ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي هن چيو ته ته غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي پوري ملڪ جا مزدو،هاري بک پيا مرن پر وزيراعظم جڏهن به ٽي وي تي اچي ٿو ته صرف اهو چئي ٿو ته گھٻرايو ن هن چيو ته جنهن ڏينهن هن ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته سندس وزير مشير ان راڳ الاپڻ کانسواءِ ٻئي ڪابه ٻولي ڳالهائڻ ڪانه ٿي اچين هن چيو ته غريب دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهن پر وفاقي حڪومت اگھور ننڊ ستل آهي ان کي جلد چيئرمين بلاول ڀٽو جاڳائيندو ۽ غريبن جي حقن تي ڌاڙا هڻڻ نه ڏيندو هن وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته چيئرمين جي هڪڙي حڪم تي پوري ملڪ جا جيالا روڊن تي اچي ويا ۽ عوام ان نتظار ۾ آهي ته پارٽي قيادت حڪم ڏئي ته هن هٿ ٺوڪي وفاقي حڪومت مان جان ڇڏايون. هن چيو ته افسوس ان ڳالھ جو آهي ته صبح  اٿڻ  شرط سواءِ مهانگائي جي ٻيو ڪجھ ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي باقي ٽي وي چينل تي وزيرن جي قطار اچي ڪوڙيون ڳالهيون ڪن  ٿا ان موقعي تي  پ پ پ اڳواڻ امام ڏنو ملاح،پ پ پ تعلقه صدر حاجي سليمان ڪٽوهر،سليم الله سولنگي، محمد عرس ابڙو،اطهر سولنگي غلام مصطفيٰ بگٽي،سپاف ضلعه صدر خالد حيسن ڳاهو،غلام رضا حاجاڻو ۽ پي وائي او جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ضلعه خيرپو انور حسين ڦلپوٽو موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.