اڏيري لال ۾ مهانگائي ماڻهن کان ماني کسي ورتياڏيري لال ۾ مهانگائي ماڻهن کان ماني کسي ورتي

اوڏيرولال (ن ع آ ) اوڏيرولال اسٽيشن شهر ۾ مهانگائي جو جن بوتل مان ٻاهر نڪري آيو، کاڌي پيتي جون شيون غريب عوام جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويون، مقامي واپارين جي هڪ هٺي برقرار، شهر جي واپارين ڪڻڪ ۽ کنڊ اسٽاڪ ڪري پنهنجا من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته کنڊ هن وقت به اڏيرولال اسٽيشن ۾ 160 رپيا ڪلو وڪرو ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته اٽو 72 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. هتان جي غريب طبقي جو اهو چوڻ آهي ته شهر جا واپاري هٿرادو اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سان غريب ٻن ويلن جي ماني لاءِ پڻ سخت پريشان ٿي ويا آهن. جڏهن ته اوڏيرولال اسٽيشن ۾ انتظامي دخل اندازي نه هجڻ سبب هتان جا واپاري پنهنجي مرضي جا مالڪ بڻيل آهن. هتان جي غريب عوام ڪمشنر حيدرآباد کان مطالبو ڪيو آهي ته اڏيرولال اسٽيشن شهر ۾ هٿرادو مهانگائي تي ضابطو آڻي غريب ماڻهن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.