سجاول جوڻيجو لڳ ٻن ڌرين ۾جهيڙو، 4زخمي لاڙڪاڻي منتقل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) سجاول جوڻيجو ويجهو ڳوٺ عرضي ڀٽو ۾ لولائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جتي ڪهاڙيون ۽ لٺين جي حملي ۾ هڪ ئي ڌر سان واسطو رکندڙ چار ڄڻا الله ڏنو لولائي سندس ڀاءُ نادر حسين، ماروٽ علي شير ۽ حاجن لولائي سخت زخمي ٿي پيا جن کي وارثن پاران زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمين الزام لڳايو ته اسان جي برادري سان واسطو رکندڙ احمد علي لولائي جي چرچ تي ڦلڻ سندس پٽن جلال، قادر، سميت نادر، بلند، اسد، معشوق، ڇٽل، حميد، ممتاز، نظام ۽ ٻين موٽرسائيڪل تي سوار اسان جي وارث جمشير لولائي کي ٽرڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو هيٺ ٻني ۾ ڪِري پيو جنهن معاملي بابت اسان پڇا ڪرڻ آياسين ته انهن ويتر جهيڙو ڪري اسان کي ڪهاڙين ۽ لٺين جا ڌڪ هڻي جشمير جي موٽرسائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع حد جي سجاول ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو پر پوليس ڪا به ڪاروائي نه ڪئي جيڪا وڏي ناانصافي آهي آهي. هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته حملي ۾ ملوث بااثرن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.