ڪوٽڙي ۾ شوڪت شورو جي ياد ۾ تقريب، لفظن جي ڀيٽا

ڪوٽڙي (ت ر) ڪوٽڙي سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار ڊراما نويس شوڪت حسين شورو کي لفظن ۽ گلن گيتن سان  ڀيٽا پيش ڪئي وئي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙي پاران ڪلچرل ڪامپليڪس ۾ تعزيتي ميڙاڪي کي سينيٽر عاجز ڌامرھ سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري احمد سولنگي محمد خان ابڙو گلبدن جاويد مرزا رفيق عيساڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ شوڪت حسين شورو ڪهاڻين جو شهزادو هو هن ڏکئي دور ۾ ڪهاڻين ۽ ڊرامن ذريعي پاڻ ملهايو هو نہ سٺو ليکڪ هو پر شفيق انسان پڻ هو سندس سنڌ ۽ ادب لاء ڪيل خدمتون آسمان ۾ تاريخ ۾ ياد رهنديون هنن چيو تہ شوڪت حسين شورو جو خال ڀرجي نہ سگهندو سنڌ هڪڙي سدوري پٽ کان محروم ٿي وئي آهي پر سندس لکڻيون نوجوانن لاء صدين تائين اتساھ بڻيل رهنديون  تعزيتي ميڙاڪي کي منصور قادر جوڻيجو غلام طاهره ناريجو رسول غرق دلدار جانوري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو،جڏهن استاد برڪت فقير سرمد اياز گيت ڳائي کيس ڀيٽا ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.