لاڙڪاڻي مان ڪار چوري ڊرائيور جو مائٽن سميت احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ويجهو ماهوٽا ٿاڻي جي حد ماهوٽا شهر مان ڇنڇر رات ديرن سان نامعلوم چورن ٻه مهينا اڳ ٽيڪسي ڊرائيور عزيز الله چاچڙ جي خريد ڪيل قسطن واري ڪار گهر ٻاهران چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن. اهڙي واقعي خلاف متاثر ٽيڪسي ڊرائيور پنهنجي وارثن سان گڏجي ماهوٽا ٿاڻي ٻاهريان لاڙڪاڻو نئون ديرو روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي.ان موقعي تي متاثر ٽيڪسي ڊرائيور عزيز الله چاچڙ روئيندي پنهنجي وارثن محمد علي چاچڙ، عبدالرزاق چاچڙ ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته آءُ ٽيڪسي هلائي گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو آهيان پئسا گڏ ڪري ٻه مهينا اڳ مون 2 لک روپيه قسط ڏئي ساڍن 8 لک روپين ۾ جي ايل آءِ ڪار خريد ڪئي گذريل رات رتوديرو ۾ سواري ڇڏي مون پنهنجي ڪار گهر ٻاهريان بيهاري ۽ صبح جو گهر ٻاهريان پهتس ته ڪار موجود نه هئي اهڙو اطلاع مون ماهوٽا پوليس کي ڏنو پر پوليس بروقت نه پهتي جنهن ڪري مجبور ٿي ٿاڻي ٻاھران روڊ بلاڪ ڪري ڪار جي واپسي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.