هالاڻي ۾ دڪان تي ويٺل نوجوان ٻن دوستن سميت کنڀجي ويو، قومي شاهراهه تي ڌرڻو

ھالاڻي( رپورٽ اعجاز خاصخيلي)ھالاڻي ۾ دڪان تي ويٺل ڳوٺاڻو پوليس ھٿان کنڀجي ويو  ويگو ۽ ٻن پوليس موبائلن ۾ سوار اھلڪار ڳوٺ شاھ بخش رند واسي لياقت رند کي کنڀي ويا وارثن جو قومي شاھراھ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي ٻنھي طرفن کان روڊ بند ڪري ڇڏيو ٻنھي طرفن کان سوين گاڏيون بيھجي ويون مسافر سخت پريشان پوليس جي وڏي نفري پھچي ڳالھيون ڪري روڊ کولرايو ھالاڻي ۾ دڪان تي ويٺل ڳوٺ شاھ بخش رند جو رھواسي  لياقت رند ۽ سندس ٻن دوستن کي ھڪ ويگو ۽ ٻن پوليس موبائل تي سوار ٻٽ ٻڌل ھٿياربند پوليس اھلڪار کنڀي کڻي ويا اطلاع تي لياقت رند جي وارثن ذوالفقار رند، جميل رند، سرفراز رند، ظھير رند، عورتن صاحب خاتون، ليلا رند مسمات نصرت خاتون، حسنا رند ۽ ٻارڙن سميت سوين رند برادري جي ماڻھن قومي شاھراھ تي ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري چار ڪلاڪ ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا جنھن سبب ٻنھي طرفن کان سوين گاڏيون بيھجي ويون جنھن سبب سوين  مسافر سخت پريشانين کي منھن ڏيندا رھيا احتجاجي ڌرڻي ۾ لياقت رند جي پوڙھي امڙ دانھون ڪندي چيو ته منھنجي پٽ کي بيگناھ کنڀي گم ڪيو ويو آھي اگر منھنجو پٽ ڏوھي آھي ته  ان کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ ان کي ظاھر ڪيو وڃي ھنن وڌيڪ چيو ته اسان کي خوف آھي ته اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو ويندو جڏھن ته رند برادري پاران نوجوان لياقت رند جي بازيابي لاءِ چار ڪلاڪ  لڳل ڌرڻي سبب ھزارين گاڏيون بيھجڻ سبب ھزارين مسافر سخت پريشان ٿي ويا جنھن بعد ضلع جي مختلف ٿاڻن جي پوليس سي آءِ اي انچارج يار محمد رند ايس ايڇ او ڪنڊيارو ھالاڻي ۽ مختلف ٿاڻن جي پوليس پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون ۽ مڪمل جاچ  ڪري کنڀيل لياقت رند متعلق معلومات وٺي ڏيڻ جي يقين ڌياني ڪرڻ تي روڊ کولرايو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.