مهانگائي خلاف سنڌ پروگريسو ڪميٽي جا مختلف شهرن ۾ مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) سنڌ پروگريسو ڪميٽي جي سڏ تي مهانگائي خلاف احتجاج، راڌڻ ۾ سنڌ پروگريسو ڪاميٽي جي اڳواڻ قاضي امر جوڻيجو، ممتاز لاکير جسام چيئرمين غازي خان سولنگي، سنڌ شهري وليج اتحاد جي اڳواڻ صابر حسين راڌڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن پاران سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ هٿ ٺوڪي مھانگائي ڪئي وئي آهي ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ ڪرپشن خلاف مختلف تنظيمن سنڌ پروگريسيو ڪاميٽي پ پ شھيد ڀٽو سکر،ڪميونسٽ پارٽي سکر،عوامي ورڪز پارٽي،جيئي سنڌ محاذ پاران سکر پريس ڪلب آڏو  احتجاجي مظاهرو ڪري حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي مهتاب شامي ۔سردار قربان علي ڪلوڙ۔عطيق الرحمان ۔دلبر ڀٽو ۽ ٻين چيو ته پاڪستان ۾ حڪومت جي نااهلي سبب مهانگائي ۾ رڪارڊ اضافو ٿي ويو آهي. عوام 2 وقت جي ماني لاءِ به پريشان آهي، نصير آباد ۾ نوناري محلي کان آرٿر برانچ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، آرٿر برانچ جِي موري تي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي، اڳواڻن ڪامريڊ سينگار نوناري، ايڊووڪيٽ يوسف پتوجو، ڪامريڊ ابراهيم چانڊيو ۽ ٻين چيو، ته 500 سئو رپيا ڏهاڙي کڻندڙ مزدور ٻن ويلن جِي ماني کائڻ کان قاصر آهن، شھدادڪوٽ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي (شھيد ڀٽو) جي مرڪزي سڏ تي ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي ۽ بدامني خلاف ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي, ان موقعي تي اڳواڻن منير بروھي, وزير کوسو, ذوالفقار  مگسي,عبدالستار بروھي, فيض مينگل مشتاق بروھي علي ۽  ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته عمران خان جي اڍائي سالن جي حڪومت ملڪ جي غريب عوام جون دانھون ڪڍي ڇڏيون آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.