شفاف چونڊن لاءِ عوام کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: سراج الحق

ملتان(م ڊ)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب جي زراعت کي ترقي ڏئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. خوشحال پاڪستان لاءِ عوام جماعت اسلامي جو ساٿ ڏئي. جڏهن به چونڊون ٿيون ته انهن کي شفاف بڻائڻ لاءِ عوام کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. انهن خيالن جو اظهار هن ملتان ۾ جماعت اسلامي جي آفيسر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مان عوام کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ملڪ جي بقا ۽ خوشحالي اسلامي نظام ۾ آهي. هن چيو ته حڪومت کان مطالبو ڪيان ٿو ته هو مهانگائي تي قابو پائڻ لاءِ سنجيدگي سان قدم کڻي ته جيئن مافيا خلاف گهيرو تنگ ڪري سگهجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.