”شاگرد يونين بحال ڪريو“ حيدرآباد ۾ آر ايس ايف جو احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ريووليوشنري اسٽوڊنٽس فرنٽ(آر ايس ايف) پاران حيدرآباد پريس ڪلب جي آڊيٽوريم هال ۾ “انقلابي شاگرد” ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو، ڪنويشن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي آر ايس ايف جي مرڪزي آرگنائيزر اويس قرني، نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڄمون ڪشمير جي مرڪزي صدر خليل بابر، اسلام آباد جي آرگنائيزر عمر عبدالله، آر ايس ايف سنڌ يونيورسٽي جي اڳواڻ فيصل مستوئي، سحر پيرزادو، نواب چانڊيو، عمران ڪنڀر، سهيل چانڊيو، سارنگ ڄام، ٽريڊ يونين ڊفينس ڪيمپين جي اڪبر ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اڄ ۾ شاگرد اذيت ڏيندڙ صورتحال جو شڪار آهن، سرمائيدارن تعليمي نظام کي هڪ ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته تعليمي ادارن کي ملندڙ سرڪاري بجيٽ گهٽ هئڻ باوجود وڌيڪ ڪٽوتيون ڪيون پيون وڃن، جنهن سبب فيسن ۾ اضافو روز جو معمول بڻجي ويو آهي. هنن چيو ته تعليمي ادارن ۾ جنسي هراسان ڪرڻ واقعا وڌي رهيا آهن، پر انهن تي ضابطو نٿو آندو وڃي، جڏهن ته آمريت واري دور کان شاگرد يونين تي لڳل پابندي اڄ ڏينهن تائين برقرارآهي ٻئي طرف آر ايس ايف پاران اولڊ ڪيمپس کان حيدآباد پريس ڪلب تائين “شاگرد يونين بحالي ڪيو” جي عنوان هيٺ ريلي پڻ ڪڍي وئي، ريلي دوران شاگرد اڳواڻن شاگرد يونين جي بحالي ۽ شاگردن جي مسئلن سميت سردارن هٿان قتل ڪيل شهيد ناظم جوکيو جي قتل واري واقعي خلاف نعريبازي ڪئي وئي، ريلي ۾ مطالبو ڪيو ويو ته شاگرد يونين فوري طور بحال ڪري تعليمي ادارن ۾ شاگرد نمائندن جون چونڊون ڪرايون وڃن، سنڌ يونيورسٽي جي ماسٽر، ايم فل، ڪاليجن جي فيسن ۾ ٿيل اضافو فوري طور واپس وٺي سمورين يونيورسٽين ۾ شاگردن کي مفت ٽرانسپورٽ جي سهولت مهيا ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.