خانپور ۾ پوليس چوڪي تي حملو، ايس ايڇ او سميت 2 اهلڪار زخمي

شڪارپور(رپورٽ: ذوالفقار مگسي) خانپور جي ڪچي ۾  پوليس پڪٽ ۽  تيغو خان تيغاڻي جي هائوس  تي هٿياربندن جي حملي ۾ ايس ايڇ او سميت 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.  اي پي سي چين وري خراب ٿي پئي. خانپور تعلقي جي ڪچي واري علائقي شھيد منور علي جتوئي ٿاڻي ڀرسان  تيغو خان تيغاڻي هائوس سامهون قائم پوليس پڪٽ ۽ تيغاڻي هائوس تي هٿياربندن جي حملي ۾ شھيد منور علي جتوئي ٿاڻي جو ايس ايڇ او رالف پٺاڻ ۽ هڪ پوليس اهلڪار واحد بخش ڀٽو زخمي ٿي پيو .جوابي فائرنگ ۾ 2 ڏوهارين جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آھن. هٿياربندن تيغاڻي هائوس تي به فائرنگ ڪري  بجلي جي ٽرانسفارمر ۽ ديوار کي به گوليون لڳايون. پوليس مٿان راڪيٽ جو گولوفائرڪيو گولو پاڻي ۾ ڪري پيو. زخمي کڻي آيل پوليس علمدارن جي اي پي سي چين به لنڃو لاڙي وٽ خراب ٿي پئي. زخمي ٿيل ايس ايڇ او کي سکر حرا اسپتال نيوويو.  پوليس اهڪار کي  شڪارپور اسپتال آندو ويو.  اطلاع ملڻ شرط ڊي ايس پي خانپور عبدالمالڪ ڀٽو ايس ايڇ او ناپرڪوٽ عبدالشڪور لاکو پهتا جتي پوليس هٿياربندن جا پيرا کنيا ڪچي ۾ڇڏي واپس موٽي آيا.  ڊي ايس پي خانپور عبدالمالڪ ڀٽو جو چوڻ هو ته هٿياربندن پاران تيغو خان تيغاڻي جي هائوس جي پويان پاسي کان اچي  پوليس پڪٽ ۽ تيغو خان تيغاڻي جي هائوس تي حملو ڪيو هيو۔ ايس ايڇ او سميت ٻه پوليس عملدار زخمي ٿيا آھن۔ ٻن کان ٽي ڏوهاري زخمي ٿيا آھن اسان هٿياربندن جا پيرا کنيا جتي رستي ۾ رت جا ۽ مٿي جي وارن جا  نشان مليل آھن پيرا گاجي تيغاڻي وٽ ڇڏي آيا آھيون. هوڏانهن تيغو خان تيغاڻي جو چوڻ ھو ته  کيس ۽ سندس خاندان کي هر وقت نشانو بڻايو ويندو آھي۔ اسان هر وقت انتظاميا جو سهڪار ڪيو آھي ڪافي ڀيرا ڏوهارين پوليس آڏو پيش ڪرايا پر پوليس مون ڪنهن مخالفن جي ونگار وهندي منهنجي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.