مخالف ڌر سميت سموريون پارٽيون چونڊ سڌارن ۾ مدد ڪن: فواد چوڌري

اسلام آباد( م ڊ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري مخالف ڌر کان چونڊ سڌارن ۾ مدد طلب ڪري ورتي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته مخالف ڌر سميت سموريون پارٽيون چونڊ سڌارن ۾ مدد ڪن. فواد چوڌري چيو ته چونڊ سڌارا صرف عمران خان يا پي ٽي آءِ جي نه پر قوم جي ايجنڊا آهي. هن چيو ته سياسي پارٽيون چونڊ سڌارن تي اڳتي وڌن اها وڏي ڪاميابي هوندي. اهڙو نظام ترتيب ڏنو ويندو جنهن تي سمورين ڌرين جو مڪمل اعتماد هجي. هوڏانهن هڪ ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته کنڊ 5، 10 نه پر 43 رپيا گهٽ ٿي آهي پر مجال آهي جو ميڊيا ٻڌائي، اصل ۾ اسان جي ميڊيا صرف سازشن ۽ حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جي خبرن تي هلندي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.