زمين دوست ماحول دوست تيزي سان گهٽجي رهيو آهي: ناسا

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي خلائي اداري ناسا انڪشاف ڪيو آهي ته ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ گيسن خارج ٿيڻ سان زمين دوست ماحول تيزي سان گهٽجي رهيو آهي. آمريڪي ميڊيا خلائي تحقيق جي ملڪي اداري ناسا جي تحقيقاتي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ماحول جي سڪڙجڻ جي رفتار پنج سو کان 650 فوٽ ساليانو آهي.

  • نئين دهلي ۾ اسموگ جي صورتحال خراب ،اسڪول بند

نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي رياست نئين دهلي جي وزيراعليٰ اروند ڪچروال اسموگ سبب هڪ هفتي لاءِ اسڪول بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. فرانسيسي خابرو اداري وزيراعليٰ جي حوالي سان ٻڌايو ته اسڪول سومر جي ڏينهن کان هڪ هفتي لاءِ بند ڪيا پيا وڃن ته جيئن ٻار گدلي فضا ۾ ساهه نه کڻن. سرڪاري انگن اکرن مطابق دهلي ۾ گدلاڻ جي سطح ايئر ڪوالٽي انڊيڪس تي 500 جي اسڪيل تي 437 هئي. وزيراعليٰ اهو پڻ چيو ته آچر کان چئن ڏينهن لاءِ ڪنهن به اڏاوتي سرگرمي جي اجازت نه ڏني ويندي. هن جو چوڻ هو ته سرڪاري آفيسن ۾ ملازمن کي گهر مان ڪم ڪرڻ جو چيو ويو آهي جڏهن ته خانگي ادارن کي پڻ صلاح ڏني وئي آهي ته گهر مان ڪم ڪرڻ جي آپشن کي وڌ کان وڌ استعمال ڪيو وڃي

  • ڀارت: نڪسل باغين خلاف آپريشن، 26 هٿياربند باغي مارجي ويا

نئين دهلي(م ڊ) ڀارت جي شهي ممبئي کان هڪ هزار 12 ڪلوميٽر پري ضلعي گڊچروليجي ڪورچي ٻيلي ۾ پوليس جي نڪسل باغين خلاف جاري آپريشن دوران 26 هٿياربند نڪسل باغي مارجي ويا آهن. چيني سڌ سماءُ وارن ذريعن ضلعي سپرنٽنڊنٽ انڪت گوئل جي حوالي سان ٻڌايو ته ڪورچي ٻيلي ۾ نڪسل باغين خلاف جاري آپريشن دوران هن وقت تائين مارجي ويل 26 باغين جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن. هن چيو ته باغين خلاف آپريشن گذريل ڏينهن صبح کان شام تائين جاري رهيو، ان دوران مارجي ويل 26 نڪسل باغين جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن جڏهن ته آپريشن دوران 4 پوليس اهلڪار پڻ شديد زخمي ٿيا جن کي علاج لاءِ هيليڪاپٽر ذريعي ناگپور جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

  • ايڪواڊور، جيل ۾ وڳوڙ  سبب 68 کان وڌيڪ قيدي مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

ڪوئٽو (م ڊ) ايڪواڊور جي شهر گوياڪيل جي جيل ۾ قيدين وچ ۾ جهيڙي دوران فوتگين جو انگ وڌي 68 ٿي ويو جڏهن ته 2 درجن کان وڌيڪ زخمي آهن. چيني سڌ سماءُ وارن ذريعن رياستي اٽارني جنرل جي حوالي سان ٻڌايو ته اهو جهيڙو گذريل رات دير سان ٿيو، چڪرين دوران 68 ڄڻا فوت ۽ 2 درجن زخمي ٿيا، اهو واقعو جيل جي پويلين 2 ۾ پيش آيو جنهن ۾ اٽڪل 700 قيدي آهن. ايڪواڊور جي صدر گيلرمولاسو ٽوئٽر تي اطلاع ڏنو ته هن صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ سيڪيورٽي ڪميٽي ٺاهي آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ايڪواڊور جي جيلن ۾ مخالف گروپن وچ ۾ جهيڙا معمول آهن ۽ هلندڙ سال چڪرين جي نتيجي ۾ هن وقت تائين مجموعي طور تي 300 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون آهن

  • کنڊ اگهه ۾  43 رپين تائين گهٽتائي جي دعويٰ

اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فوادچوڌري چيو آهي ته کنڊ جي قيمتن ۾ 5-10 نه 43 رپيا گهٽتائي آئي آهي پر مجال آهي ميڊيا تي اها خبر اچي، دراصل اسان جي ميڊيا 24 ڪلاڪ صرف سازشن ۽ غير مستحڪم هئڻ واري رستي تي آهي، هوڏانهن ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته کنڊ جو اگهه 43 روپيا في ڪلو تي گهٽجي ويو آهي، هن چيو  ته ميڊيا کي پنهنجي رويي تي نظرٿاني ڪرڻي پوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.