پرڏيهي ناڻي تي گهڻو وقت معيشت نه هلندي، پيٽرول مهانگو ڪرڻو پوندو: شوڪت ترين

ڪراچي (رپورٽر) ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو ٿيندو ته اسان به مهانگو ڪنداسين، ٻيو ڪو رستو ناهي. ڪراچي ۾ تقريب سان خطاب ڪندي شوڪت ترين چيو ته حڪومت سنڀالڻ وقت معاشي ڏکيائيون هيون، ملڪ ۾ ڊالر نه هئا ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هو پر آءِ ايم ايف پروگرام سبب معيشت مضبوط ٿي.سندس موجب معاشي ترقي جي اوسر جي شرح گهٽجي ڏيڍ سيڪڙو تي اچي وئي هئي پر اسان جي حڪمت عملي سبب 21-2020 جي اوسر جي شرح 4 سيڪڙو تي آئي ۽ هاڻ اها شرح 5 ۽ 6 سيڪڙو تي آڻڻي آهي. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جي مهرباني جن جي ايندڙ ناڻي سبب معاشي ڏکيائين کي حل ڪيو پر اهو سلسلو گهڻي دير نه هلي سگهندو. هن چيو ته سندن ڪوشش هوندي ته معاشي ترقي جو گراف پائدار بنيادن تي هجي. ائين نه هجي جو ڪجهه ورهين بعد ٻيهر ترقي جا معيار تنزلي جو شڪار نه هجن. هن چيو ته انهن پائدار معيشت جي قيام لاءِ سڀ کان وڌيڪ روينيو تي ڌيان ڏنو. شوڪت ترين چيو ته سڀني لاءِ فائديمند ۽ پائيدار بنيادن تي ترقي چاهيون ٿا، ترقي يافته ملڪن 20 کان 30 سالن ۾ ترقي ڪئي، معاشي ماهرن کان پڇا ڪئي ته پائدار ترقي ڇو نٿي ٿئي ته خبر پئي قومي بچت گهٽ، برآمدن ۽ درآمد ۾ وڏو فرق هو. پينل پنهنجي تجويز ۾ چيو ته ملڪ جي بر آمد ۽ درآمد ۾ وڏو فرق آهي. شيون ٻاهر موڪلڻ جي ڊي پي جو محض 8 کان 9 سيڪڙو آهن، جڏهن ته ٻاهران شيون گهرائڻ جو تناسب 22 سيڪڙو آهي. هن چيو ته رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۾ سٽي جو هٿ موجود آهي، سٽي باز ڊالر افغانستان سمگل ڪري رهيا آهيون پر آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ٿيڻ تي رپيو مستحڪم ٿي ويندو، مهانگائي 9 سيڪڙو جي حساب سان وڌي رهي آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو ٿيندو ته اسان به مهانگو ڪنداسين. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.