مهانگائي عالمي مسئلو بڻجي چڪي آهي:ثانيه نشتر

نوشهره(م ڊ) احساس پروگرام جي چيئرپرسن ثانيه نشتر چيو آهي ته مهانگائي عالمي مسئلو بڻجي چڪي آهي، وزيراعظم جي هدايت تي اڄ کان ٻه ڪروڙ خاندانن کي هڪ هزاررپيا عام واهپي جي شين ۾ رليف ڏيڻ جو باقاعده افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي 2 ڪروڙ خاندانن کي اٽي، گيهه ۽ دالين تي ماهوار هڪ هزار رپيا سبسڊي ڏيڻ لاءِ رجسٽريشن جي شروعات ڪئي وئي آهي، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ پهريون ڀيرو هڪ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي رجسٽريشن شروع ڪئي آهي، هن چيو ته مستحق خاندانن کي ميسيج ذريعي آگاهه ڪيو ويندو ته اهو اهل آهي يا نه، 120 ارب رپين جو احساس راشن پروگرام به شروع ٿي چڪو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.