ڪراچي ۾ مارڪيٽ کي باهه، ڪيترن ئي دڪان کي نقصان

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ۾  پريڊي ٿاڻي جي حد ۾ ڪاروباري طور مصروف ترين  علائقي ريگل چوڪ  ويجهو ڪوآپريٽو مارڪيٽ ۾ اوچتو باھ لڳي وئي، جنهن  ڏسندي ڏسندي مارڪيٽ جي دڪانن کي پنهنجي  لپيٽ ھيٺ آڻي ڇڏيو. اطلاع ملندي پوليس، رينجرز۽  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اھلڪار، بچاءُ عملي  رضاڪار  ٽيم ۽ فائر برگيڊ جو عملو پھچي ويو جن پنھنجو امدادي سرگرميون شروع ڪري ڏنيون. سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ فائر برگيڊ عملي موجب ته اطلاع ملڻ تي فائر برگيڊ جون 4 گاڏيون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ابتدائي اطلاعن موجب علائقي کي خالي ڪرايو ويو رستن گهٽين کي بند ڪيو ويو. ڪمشنر ڪراچي جو چوڻ آهي ته باھ تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي ڪولنگ جو عمل جاري آهي باھ لڳڻ سبب 35 دوڪانن کي نقصان رسيو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.