اتحادي اپوزيشن بئنچن تي آيا ته بي اعتمادي به اچي ويندي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته سينيٽ ۾  باپ جا 5 ميمبر جيڪڏهن واقعي يوسف رضا گيلاني سان گڏجي ويا آهن ته پوٰءِ اسان کي اعتراض ناهي، ان جي باوجود اسان کي انهن تي شڪ آهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ان هائوس لاءِ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏينداسين، حڪومت تڪراري قانون بڻائي رهي آهي، انهن کي روڪينداسين، بي اعتمادي جي سلسلي ۾ اتحادين تي نظر آهي، بي اعتمادي ڇو نٿي ٿي سگهي، نوازشريف ۽ فضل الرحمان وچ ۾ بي اعتمادي جي سلسلي ۾ ڳالهين جي باري ۾ تصديق نٿو ڪري سگهان، بي اعتمادي رڳو پيش ڪرڻ لاءِ نه پرڪامياب ڪرڻ لاءِ هوندي آهي، پنجاب ۾ بي اعتمادي ٿي وڃي ته وفاق ۾ به ٿورو وقت ملندو، پ پ وٽ پنجاب ۾ نمبر ناهن، جيڪي اسان وٽ آهن، اها ٻين جي نمبرن تي ڀاڙي رهي آهي، يا رڳو پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهي آهي، هن چيو ته جهانگيرترين گروپ پوري طرح اسان سان رابطي ۾ هو، پر ان ڪڏهن به بي اعتمادي جي سلسلي ۾ خاطري نه ڪرائي اهي رڳو جهانگيرترين کي بچائڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل هئا، پ پ اسان جي پوزيشن ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿي، قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جا اتحادي اپوزيشن ڏانهن آيا ته پوءِ بي اعتمادي رٿ اچي سگهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.