اڏاوتي خرچ ۾ 100سيڪڙو واڌ، عام شهري سان گڏ بلڊر به پريشاني جو شڪار

اسلام آباد( م ڊ) ملڪ ۾ اڏاوتي خرچ ۾ سئو سيڪڙو تائين واڌ ٿي وئي آهي، جنهن سبب وزيراعظم جي گهر بڻائڻ جي اسڪيم به رولڙي جو شڪار بڻجي وئي آهي. عام شهري سان گڏ بلڊر به پريشاني جو شڪار آهن. غريب لاءِ ٻه ڪمرا ٺاهڻ ته مشڪل بڻجي ويو پر بلڊر به پريشاني جو شڪار آهن. لوهه سيمينٽ ۽ ٻيو سامان مهانگو ٿيڻ سبب 5سالن ۾ 50 لک گهر بڻائڻ مشڪل بڻجي ويو. آسان گهر اسڪيم ۾ به صرف 18 ارب رپين جو قرض جاري ٿي سگهيو، مهانگائي سبب ماڻهو بينڪن طرف گهٽ وڃڻ لڳا آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.