ڪراچي ۾ ڪوريا واسي قتل، ڳلو ڪٽيل لاش هٿ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي ڪشمير ڪالوني ۾ ڪوريا واسي گهراندر قتل ٿي ويو. ڪراچي جي علائقي محمود آباد ويجهو ڪشمير ڪالوني ۾ پرڏيهي ڪوريا سان تعلق رکندڙ ڊيوون کي سندس گهر ۾ ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ڪوريا سان تعلق رکندڙ ڊيوون ڪورنگي جي هڪ خانگي ڪمپني ۾ ملازم هو . ڇينگ ڊيوون نالي ڪوريا سان تعلق رکندڙ ڪشميرڪالوني ۾ مسواڙ جي گهر ۾ اڪيلو رهندو هو پوليس اعلي عملدارن مطابق ڇينگ ڊيوون جو مڙهه صبح سوير سندس گهر مان مليو. سندس پاڙي ۾ مسيحي برادري جا ماڻهو رهن .هو ان کان اڳ مقتول پي اين ٽي ڪالوني ۽ ڊفينس ۾ به رهي چڪو آهي ايس پي جمشيد فاروق بجاراڻي چيو ته مقتول پنهنجي رهائش بابت پوليس کي آگاھ نه ڪيو هو مقتول جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي پورٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ ڪجهه حقيقتون سامهون اچي وينديون هن مقتول جي گهر جو سامان بلڪل محفوظ هيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.