سکر مان اغوا ٿيل شاگردن جي وارثن کان 60 لک رپيا ڀُنگ طلب

سکر( رپورٽر) سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد جي رهواسي 15 سالن جي ياسر ۽ 16 سالن جي محمد عادل  شيخ جو 3 ڏينهن گذڻ باوجود ڏس پتو ناهي پئجي سگھيو، جڏهن ته پوليس پاران پڻ سندن بازيابي لاءِ ڪي به
اپاءُ ناهن ورتا ويا، جڏهن ته گم ٿيل ٻنهي سئوٽن جي وارث طلحه شيخ صحافين کي ٻڌايو آهي ته ياسر محمد عادل ٽن ڏينهن کان گم ٿي ويا آهن ٻنهي جا موبائل فون ڪنڌڪوٽ جي علائقي دڙي ۾ ٽريس ٿيا آهن، هوڏانهن سکر مان اغوا ٿي ويل نوجوان عادل شيخ جي وارثن کان 60 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي, نوجوان جي والد قاري محمد فاروق شيخ ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته گذريل رات دير سان عادل شيخ جي نمبر تان ڪال آئي ۽ چيو ته مون کي ۽ دوست کي اڻڄاتل ماڻهو ڪار ۾ کڻي اکين تي پٽيون ٻڌي الاءِ ڪاٿي آندو آهي، جنهن بعد ڌاڙيلن چيو ته عادل شيخ واپس کپيو ته 60 لک رپيا ڀُنگ ڏيو نه ته هن کي دوست سميت ماري ڇڏينداسين نوجوان جي پيءُ جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن چيو ته عادل جي نمبر تي ايزي لوڊ به ڪرايو ته جيئن توهان سان ٻيهر رابطو ڪيون، جنهن بعد اسان 5 سئو روپين جو ايزي لوڊ ڪرايو آهي, هنن جو چوڻ آهي ته ٻه ڏينهن اڳ عادل ۽ ياسر شيخ شادي جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ گهران نڪري ويا هئا جيڪي رستي تان اغوا ٿي ويا، جن مان عادل جي لاءِ ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.