پني عاقل جي صحت مرڪزن لاءِ آيل سرڪاري دوائون تلاءُ ۾ اڇلائڻ جو انڪشاف

پنوعاقل(رپورٽ: نور محمد سومرو)پنوعاقل جي صحت مرڪز لاءِ مليل سرڪاري دوائون قومي شاھراھ لڳ پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ اڇلائڻ جو انڪشاف،سنڌ حڪومت پاران غريب ماڻھن جي علاج لاءِ پنوعاقل جي صحت واري سرڪاري ادارن لاءِ ڏنل لکين رپين جون دوائون جن جو 2 سال مدو ھجڻ جي باوجود عملي پاران  دوائون جون شيشيون يا پتن جي صورت ۾ گوريون ٻورٽن ۾ وجھي قومي شاھراھ ۽ ريلوي جي وچ واري پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ اڇلايون ويون آھن،سرڪاري دوائون روڊ جي ڀرسان پيل ڏسي سوين ماڻھو گڏ ٿي ويا،ان ڏس ۾ اسان جي نمائيندي کي سڌ پوڻ بعد سرڪاري دوائون پاڻيءَ جي تلاون ۾ اڇلايل ھنڌ وٽ پھچي نوٽ ڪيو ته اھي دوائون تعلقه اسپتال صحت مرڪز بي ايڇ يو ڊسپينسرين مان کڻي ناڪاره سمجھي اڇلايون ويون آھن،جڏھن ته دوائن تي لڳل سرڪاري ٺپي سان گڏ 2022 ۽ 2023 جي ايڪسپائير ٿيڻ جي ڊيٽ لڳل آھي ته پوءِ ان کان اڳ سرڪاري لکين رپين جون دوائون ڇو گندي پاڻيءَ ۾ اڇلايون آھن،ھتان جي سڄاڻ ڌرين سنڌ حڪومت خاص ڪري صحت کاتي جي صوبائي وزير ۽ پنوعاقل کان پ پ پ جي چونڊيل نمائندن سيد خورشيد احمد شاھ،صوبائي وزير ڄام اڪرام اللھ خان ڌاريجو ۽ صحت کاتي سکر ضلعي جي آفيسرن کان گھر ڪئي آھي ته لکين رپين جون سرڪاري دوائون اڇلائڻ واري واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.