ايف سي ۽ ڪوسٽ گارڊ مسافرن جي تذليل نه ڪن : سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ پاران هاءِ ويز تي مسافرن کي هراسان ڪرڻ تي افسوس جو اظهار، سپريم ڪورٽ ايف سي ۽ ڪوسٽ گارڊ جي رويي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي کي پنهنجون ذميواريون پيشيواراڻي انداز ۾ ادا ڪرڻ گهرجي،هاءِ ويز تي سفر ڪندڙ مسافرن جي توهين ۽ تذليل نه ڪرڻ گهرجي. چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ جسٽس مظهر عالم خان ميان خيل تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ آر سي ڊي شاهراهه اين 25 بلوچستان هاءِ وي جي خراب حالت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڊان اخبار جي رپورٽ موجب آر سي ڊي هاءِ وي بلوچستان جي خراب حالت تي جي اطلاعن تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي جاني نقصان ٿي چڪا آهن. هوڏانهن عدالت اين 25 بلوچستان هاءِ وي تي ايف سي ۽ سي جي اهلڪارن طرفان مسافرن کي مسلسل حراسان ڪرڻ جي شڪايتن ڏانهن ڌيان ڇڪايو ويو. عدالت کي اهو به ٻڌايو ويو ته هاءِ وي تي هلندڙ گاڏين کي وقت بوقت مختلف هنڌن تي روڪيو وڃي ٿو ۽ چيڪنگ جي نالي تي مسافرن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪيو وڃي ٿو. تنهن ڪري ايڊيشنل اٽارني جنرل سهيل محمود کي هدايت ڪئي وئي ته هو ايف سي ۽ سي جي جي مبينا رويي بابت هدايتون طلب ڪري ۽ ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ جامع رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري. ٻه رڪني بينچ چيو ته هاءِ وي تي عوام جي حفاظت لاءِ لڳايل مختلف وارننگ نشانيون به ناهن، جڏهن ته هاءِ وي تي ڪو به وڻ نه لڳايو ويو. عدالت انسپيڪٽر جنرل آف نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر ويز پوليس کي به هدايت ڪئي ته ٻڌايو وڃي ته اين 25 تي پوليس فورس ڇو نه لڳائي وئي ۽ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ايترا حادثا ڇو ٿي رهيا آهن. جون ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ان ڳالهه تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اين ايڇ اي جي نگراني ۾ روڊ ڊهي پٽ ٿي ويا آهن جيڪي برساتن کانپوءِ کڏن ۾ تبديل ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.