ڪراچي ۾ ڀاڄي مهانگي، شهرين سبزي منڊي جو رخ ڪري ورتو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڀاڄي مهانگي، شهرين سبزي منڊي زخ ڪري ورتو، مهانگائي عام ماڻهو جي کمر ٽوڙي ڇڏي آهي، بازارن ۾ سائي ڀاڄين جا اگهه ٻين تي وڌي ويا آهن. ڪجهه ماڻهو ان نتيجي تي پهتا آهن ته سپر هاءِ وي تي قائم سبزي منڊي جو رخ ڪري ورتو آهي ۽ شهرين ۾ اهو رجحان وڌي رهيو آهي. ڪراچي جتي کاڌي پيتي جي شين جا اگهه ٻيڻا ٿي ويا آهن، اتي سائي ڀاڄين جا اگهه 100 رپيا في ڪلو کان گهٽ ناهن.  علائقي جي سمورن بازارن ۾ ڀاڄين جا اگهه وڌي ويا آهن، مارڪيٽ ۾ ٽماٽا 150 کان 180 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ سبزي منڊي ڏانهن شهرين جو رجحان وڌي رهيو آهي، شهري هاڻ هفتي بازار ۾ خريداري ڪندا آهن. واپارين جو چوڻ آهي ته سبزي وڪڻندڙن سان گڏ هاڻي عام شهرين جو وڏو تعداد بازار ۾ اچي خريداري ڪرڻ لڳو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.