ڪراچي ۾ پوليس هٿان مارجي ويل علي اڪبر جي وارثن جو احتجاج

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي الفلاح ٿاڻي جي حد ۾ قتل ڪيل نوجوان علي اڪبر ڦلپوٽو جي وارثن قاتلن جي گرفتاري لاءِ مقتول علي اڪبر جي ڀيڻ ريحانا خاتون، امڙ امينا خاتون ۽ ڀاءُ علي گل ڦلپوٽي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي وارثن چيو ته ڪورنگي الفلاح ٿاڻي جي حد ۾ ملير 15 ابوبڪر صديق مسجد ويجهو ملڪ موٽرز جي مالڪن پاران نصيرآباد واسي علي ڦلپوٽو ۽ نور محمد اعواڻ کي ڦورو ڄاڻائي پوليس سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ۽ شاهدي طور ملڪ موٽرز جي مالڪن کي نالا ڏنا ويا،  جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ علي اڪبر ڦلپوٽو جو ذڪر ئي نه ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ مقتول جي وارثن چيو ته وچ روڊ تي عدالت لڳائي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي جيڪڏهن هو ڦورو هو ته عدالتون ۽ ٿاڻا موجود هئا هن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ها. پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي ايس ايڇ او الفلاح نفيس الرحمان قاتل ملڪ موٽرز جو ساٿاري آهي، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ مشتاق احمد مھر، ڪراچي پوليس چيف کان مطالبو ڪيو آهي ته هن واقعي جي جي آءِ ٽي ٺاهي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.