هر هنڌ ننڍا ننڍا نوازشريف ويٺل آهن: شهباز گل

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل چيو آهي ته عمران خان پهرين ڏينهن کان چونڊ سڌارا چاهي ٿو، بدقسمتي سان هر هنڌ تي ننڍا ننڍا نوازشريف ويٺل آهن، ٽوئيٽر تي هن لکيو ته عمران خان ۽ تحريڪ انصاف پهرين ڏينهن کان چونڊ سڌارا چاهين ٿا پر رڪاوٽون آهن، ڪو ڌانڌلي سان اليڪشن کٽڻ چاهي ٿو ته ڪنهن کي ٽيڪنالاجي جو خوف، ڪو قومي اتفاق راءِ ذريعي احتساب جو مخالف پر عمران خان وقت جي ڌارا بدلائي رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.