اهم سياسي فيصلا، وزيراعظم اڄ اجلاس گهرائي ورتو

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي معاملي تي وزيراعظم عمران خان پارٽيجي سينيئر وزيرن کي اڄ طلب ڪري ورتو، ذريعن موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس اڄ يارهين وڳي ٿيندو جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، پرويز خٽڪ، اسد عمر، فواد چوڌري ۽ ٻيا شريڪ ٿيندا، ذريعن موجب اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ چونڊ سڌارن تي اتحادين جا خدشا ختم ڪرڻ تي به ڳالهيون ٿينديون،  هوڏانهن پارٽي ترجمانن جي گهرايل اجلاس ۾ وزيراعظم پارٽي ترجمانن کي هدايتون به جاري ڪندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.