نيوزيلينڊ لاءِ ورلڊ ڪپ خواب، آسٽريليا پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي چئمپين بڻجي ويو

دبئي (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ لاءِ ورلڊ ڪپ  ٽائٽل کٽڻ جو خواب ساڀيان نه ٿي سگهيو،  آسٽريليا جي ٽيم نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو تاج پنهنجي مٿي تي سجائي ورتو. دبئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪيويز طرفان مليل 173 رنسن جو هدف ڪينگروز ٻن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو. ان کان اڳ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي ڪيوي ٽيم مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 172 رنسون ٺاهيون. نيوزيلينڊ جو ڪپتان ڪين وليمسن 85 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ٽاپ اسڪورر رهيو، مارٽن گپٽل 28، ڊيرل مچل 11، گلين فلپس 18، جيمز نيشم 13، ٽم سيفرٽ 8 رنسون ٺاهيون. آسٽريليا طرفان جوش هيزل ووڊ 3 وڪيٽون وٺي چئن اوورن ۾ صرف 16 رنسون ڏنيون. ايڊم زمپا هڪ شڪار ڪيو. جڏهن ته مچل اسٽارڪ چئن اوورن ۾ 60 رنسون ڏئي ٽي ٽوئنٽي ۾ مهانگي ترين بالر جو لاسنٿ ملنگا جو رڪارڊ ٽوڙي ورتو. آسٽريليا جي ڊيوڊ وارنر  53 ۽ مچل مارش 77   رنسون ٺاهيون. گلين ميڪسويل 28 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. نيوزيلينڊ پاران ٻئي وڪيٽون ٽرينٽ بولٽ ورتيون. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.