اتحاد بابت فيصلن جو اختيار پرويز الاهي وٽ، حڪومت سان گڏ هلڻ مشڪل پيو لڳي: ق ليگ

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ق جي پارلياماني پارٽي اجلاس ۾ مهانگائي تي ڳڻتي جو اظهار، حڪومت سان گڏ هلڻ مشڪل ٿيڻ لڳو، اجلاس ۾ چوڌري پرويز الاهي کي فيصلن جو اختيار ڏنو ويو، اجلاس ۾ چيو ويو ته ڊالر، پيٽرول، ڊيزل، بجلي، گئس جي وڌندڙ اگهن تي پريشاني آهي، مهانگائي ۽ امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي آهي، حڪومت قدم نه کنيا ۽ فوري رليف نه ڏنو ته ان سان گڏ هلڻ مشڪل ٿي ويندو،عام ماڻهو کي رليف نه ڏنو ويو ته  حالتون وڌيڪ سنگين ٿي سگهن ٿيون، حڪومت سنجيدگي سان انهن اشوز جو ازالو ڪري، عوامي نمائندا پنهنجي تڪن ۾ عوام کي ڪيئن منهن ڏئي سگهندا، حڪومت عوامي مشڪلات جي حل ۾ ناڪام ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ،پرويز الاهي چيو ته حڪومت نان اشوز کي اشوز بڻائي رهي آهي، عام ماڻهن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.