وفاقي سرڪار کان اسان کي به شڪايتون آهن: فهميده مرزا

اسلام آباد(م ڊ)جي ڊي اي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير فهميده مرزا چيو آهي ته  سنڌ جي حوالي سان اسان جا خدشا آهن، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين fehmida sialمعاملن تي به اعتراض آهن، ان تي ته اتفاق آهي ته چونڊ سڌارا ٿيڻ گهرجن،سڌارا آڻي رهيا آهيو ته اسان جا خدشا ختم ڪيا وڃن هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن  چيو ته مهانگائي واقعي مسئلو آهي، دنيا ۾ به ساڳئي صورتحال آهي، مهانگائي صوبائي حڪومت جو مسئلو اهي، سنڌ حڪومت جيڪڏهن ڪڻڪ جاري نه ڪري ته ان ۾ وفاق جو ڪهڙو ڏوهه، هن چيو ته وفاق سنڌ ۾ جيڪو ڪردار هو اهو ادا نه پيو ڪري سگهي، وفاقي حڪومت مان اسان کي گهڻيون شڪايتون آهن، اسان کي شڪايت آهي ته اسپيڪر اپوزيشن کي وڌيڪ وقت ڏئي ٿو، اسان کي اهو به ڏسڻو آهي ته اسان وٽ آپشن ڪهڙا آهن، پارليامينٽ مضبوط ٿيندي ته حڪومت به مضبوط ٿيندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.