جهانگير ترين پاران ايندڙ چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جو اعلان

لوڌران (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين ايندڙ چونڊن ۾ ڀرپور شرڪت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هو ايندڙ چونڊن ۾/ ڀرپور حصو وٺي عوامي خدمت جاري رکندا. لوڌران ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي ترين چيو ته کيس خبر آهي ته ڪارڪنن جا مسئلا ڪيئن حل ڪيا وڃن ۽ انهن جو دفاع ڪجي. جهانگير ترين چيو ته ڪارڪنن ۽ حمايتين جي مسئلن جو حل پهرين ترجيح آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.