جبري گمشدگين ۽ ناظم جوکئي جي قتل خلاف ڪراچي ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي ريلي، ڌرڻو

ڪراچي (رپورٽ: رزاق عاصي) سرداري نظام خلاف سنڌ کي هڪ ٿيڻو پوندو، وسيلن جي ڦر لٽ ۽ درياهه تي ڊئم جي مخالفت ڪندڙ قومي ڪارڪنن کي کنڀيو ٿو وڃي، فطرت جو حسن پکي بچائڻ لاءِ آواز اٿاريندڙن کي به ڪهي قتل ڪيو پيو وڃي، اڙهين ترميم کي پنهنجي وڏي ۾ وڏي ڪاميابي قرار ڏيندڙ اڃا تائين 18 هين ترميم تي عمل ناهن ڪرائي سگهيا،عوامي آواز جي نعري جي آجيان ڪيون ٿا. سرداري نظام سنڌ لاءِ ناسور آهي، اهڙو اظهار جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سربراهه نواز خان زئور گورنر هائوس کان پريس ڪلب تائي نڪتل ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو. جيئي سنڌ قومي پارٽي موجب ان کان اڳ گورا قبرستان وٽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ريلي جي ايڪو سائونڊ واري گاڏي کي روڪي 20 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن تي منتقل ڪيو ويو. پريس ڪلب آڏو ڌرڻي کي خطاب ڪندي نواز خان زئور چيو ته اسان جي اعلانيل ريلي کي وک وک تي روڪي هراسان ڪيو ويو، اسان نياڻين سان گڏ هئا سين اسان کي چيو ويو ته اوهان شاهراهه فيصل جو ريلي لاءِ استعمال نٿا ڪري سگهو، سنڌ جي ٻيٽن، سنڌو درياهه ۽ سنڌ ۾ ڌارين کي آڻي حڪمران سنڌ جا وسيلا هٿن سان ڦرائي رهيا آهن. ارڙهين ترميم کي پنهنجي وڏي ۾ وڏي ڪاميابي قرار ڏيندڙ اڃا تائين 18 هين ترميم تي عمل ناهن ڪرائي سگهيا. اسين چاهيون ٿا ته تشدد جو قانون ختم ڪيو وڃي، هن چيو ته ناظم جوکئي جي صورت ۾ فطرت سان عشق ڪندڙ ماري رهيا آهيو، محمد علي خشڪ چيو ته ضمير فروش سردار ۽ وڏيرا هٿ وڏي قوم کي ويتر غلامي ڏانهن ڌڪي رهيا آهن،عوامي آواز ” سنڌ جو نعرو، سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“ هڻي يقين ڄاڻو ته قوم جي دلين جي ترجماني ڪئي آهي. عوامي رابطه تحريڪ جي اڳواڻ سرور پليجي چيو ته پاڻي کوٽ سبب سنڌ جي  لکين ايڪڙ بنجر بڻجي وئي آهي، سردار ڪٿي فهميده سيال کي قتل ڪن ٿا ته ڪٿي فطرت جو عاشق ناظم جوکيو ماريو وڃي ٿو. سنڌ سجاڳي فورم جي اڳواڻ سارنگ جويو ۽ سهڻي جويو چيو ته اوهان سارنگ جويو ۽ نواز زئور کي کنڀي سگهو ٿا پر اسين جو وطن کنڀڻ اوهان جي وس ۾ ناهي، صوفي حاجن شر چيو ته رياست پنهنجي پوري طاقت سان اٿندڙ آواز کي روڪي رهي آهي تنزيلا پليجو، شازيا جويو، راڻي ڀٽو چيو ته ڌاري آبادڪاري ۽ پکين جي حفاظت لاءِ به آواز اٿاريون ٿا ته اسان کي قتل ڪيو وڃي ٿو. جسم اڳواڻ شوڪت سومري چيو ته اسان ڪنهن به صورت سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا برادشت ڪو نه ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.