سنڌ ۾ وڏيرڪي نظام خلاف جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي: اسلام ڪوٽ واسي

اسلام ڪوٽ(ت ر) عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌ جو نعرو ”سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“جي عنوان هيٺ اعلانيل ڏهاڙي کي ڀرپور موٽ ملڻ شروع ٿي ويئي آهي،اُنهي سلسلي ۾ اسلام ڪوٽ پريس ڪلب ۾ ”سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“جي عنوان هيٺ سيمينار ڪوٺايو ويو،جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن،صحافين ۽ اديبن شرڪت ڪئي،اُنهي موقعي تي ڳالهائيندي سابق نظام گهنشام داس پارواڻي،اديب ليکڪ آزاد اشرف سمون،عوامي تحريڪ جي اڳواڻ دولت ميگهواڙ،صحافي سُڌير راٺوڙ،بشير احمد فقير،ارجن پٽيل،لڇمڻ پڌواڻي ۽ ٻين چيو ته عوامي آواز ميڊيا گروپ جي ڏنل سڏ جي آجيان ڪيون ٿا،سنڌ ۾ وڏيرڪي نظام خلاف جدوجهد ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي،هنن چيو ته عوامي آواز ميڊيا گروپ هميشه سنڌ جي وارثي ڪئي آهي ۽ هِن اداري ڏُکين حالتن ۾ به پنهنجن ماڻهن جو آواز بُلند ڪيو آهي،جيڪو يقينن ساراھ جوڳو قدم آهي،اسين هن مهم جي ڀرپور آجيان ڪيون ٿا،ثقافتي ڏهاڙي تي سنڌي قوم لاءِ عوامي آواز هڪ بهترين پليٽ فارم مهيا ڪيو آهي،سنڌ واسي هن نعري هيٺ گڏ ٿين،سنڌ جي ترقي ۽ بهتر مستقبل به وڏيرڪي نظام مان ڇوٽڪاري سان جُڙيل آهي،سيمينار ۾ ڪمليش ڪمار،ڊاڪٽر شنڪرلال وانڪواڻي،ڪلديپ پارواڻي،الهداد هنگورجو،ساگر مُکي،مبارڪ علي بجير،اسماعيل بجير،ڪرشن سنگھ،سجاول بجير،پرڪاش ڪمار،گهنشام راٺوڙ سميت ٻين شرڪت ڪئي،

  • ڏيپلي ۾ عرب شڪارين جي ڪئمپن خلاف احتجاج

ڏيپلو (ت ر ) ڏيپلي سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ عرب شڪارين جون ڪئمپون قائم ڪرڻ خلاف جميعت علماءُ اسلام، عوامي تحريڪ ۽ شھري اتحاد طرفان ڏيپلو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، عرب شڪارين ۽ انهن جي لوڪل دلالن کي هتان ڊوڙائي ڪڍڻ جو اعلان ڪندي احتجاج کي مولوي عباس ڪلر، بلاول بجير، عمران باغي ڊاڪٽر غلام الله بچاڻي رحيم سميجو ڳالهائيندي چيو ته ناظم جوکيو پاڻ کي شھيد ڪرائي انهن پکين لاءِ قرباني ڏني آھي جيڪي هن موسم ۾ هنن ايريا ڏانهن ايندا آھن اهو شڪار لوڪل ماڻھن ۽ سرڪاري پٺڀرائي کانسواءِ ٿي نٿو سگهي، ڏيپلي شھر ۾ به ڪئمپ قائم ڪئي وئي آھي جنهن جي نشاندهي باوجود هو هتي موجود آھن، هنن چيو ته هن ڪئمپ جي ڪري پر امن شهر جو ماحول خراب ٿي رهيو آهي، اختاريون نوٽيس وٺن.

  • ڪاڇي ۾ پکين جي شڪار خلاف احتجاج

واهي پانڌي (رپورٽ ) واهي پانڌي ڪاڇي ۾ عرب شڪارين پاران ناياب پکين جي شڪار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر ڪرم رستماڻي ٻين ٻڌايو ته ڪاڇي ۾ عرب شڪارين ۽ وڏيرن جا قافلا لٿل آهن جنهن ڪري علائقي کي ڪڙو چاڙهي ويو آهي ۽ عام ماڻهن جي اچ وڃ بندش لڳي وئي آهي جيڪا لاقانونيت آهي جيڪي ناياب قسم جي پکين جو قتلام ڪري رهيا آهن ناياب پکين جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي ۽ علائقي جي سونهن به ختم پئي ٿئي پر افسوس وائليڊ لائيف کاتو به اگهو ننڊ ستل آهي هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي نوٽيس وٺي ناياب نسل جي پکين شڪار روڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

  • ”ناظم جوکيو جي قاتلن کي سزا ڏيو“ حيدرآباد ۾ احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر) قاسم آباد جي شاگردن پاران ملير ۾ بيدري سان قتل ڪيل ناظم جوکيو جي قاتلن جي گرفتاري ۽ کين سزا ڏيارڻ لاءِ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي محب چانڊيو، عمير ابڙو، عمران مگسي، عهد جمالي، عاقب جروار، اسد جوکيو ۽ ٻين چيو ته سنڌ سان سردارن ۽ وڏيرن سدائين ناجائزي ڪئي آهي، ڪجهه وقت اڳ ملير ۾ پکين ۽ جانور جي شڪار تي آيل عربن سنڌ ۾ وڏو نقصان ڪرائي وڌو جيڪو قتل ناظم جوکيو جي صورت ۾ هو. هنن چيو ته سنڌ جا وڏيرا جيڪي ٻاهران ماڻهو گهرائي پکين جو شڪار ڪرائيندا آهن، انهن جي ملڪ اچڻ تي پابندي هنئي وڃي ته ٻيهر جيئن اهڙو واقعو نه ٿي سگهي. هنن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته جلد ناظم جوکيو جا ٽوٽل جوابدار گرفتار ڪري کين ڦاهي ڏني وڃي.17

  • فهميده سيال جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا

قمبر(ڊ ر )قمبر جي ڳوٺ خيرپور جوسو ۾ پلاٽ جي مالڪي تان قتل ٿي ويل فهميده سيال جي قتل ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار شهيد اسراڻ، نديم اسراڻ ۽ ٻين جي لاءِ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر سمير نور چنا جي حڪم تي گهرن مٿان پوليس اٽالا ساڻ ڪري ڇاپو هنيو ويو اسراڻ هائوس لاڙڪاڻو ۾ سرچ آپريشن ڪري نوڪرن کان کيس جوابدارن جي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ياد رهي ته جوابدار ڪيترن ڏينهن کان ضمانت رد ٿيڻ بعد فرار ٿي ويل آهن، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر سمير نور چنه چيو ته جوابدار ڪيترائي بااثر هجن پر قانون کان مٿانهون نه آهن گهربل جوابدارن جي گهرن تي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن انهن کي ڪنهن به صورت گرفتار ڪري قانون حوالي ڪيو ويندو

 

  • ناظم جوکيو ۽ فهميده سيال جي قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: جماعت اسلامي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي سنڌ ۾ وڌندڙ لاقانونيت ۽ بدامني تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هن وقت ڪراچي کان ڪشمورسموري سنڌ لاقانونيت ۽ بدامني جي باهه ۾ ٻري رهي آهي، ڪراچي ۽ قمبر ۾ سنڌ جي ظالم جاگيردار ۽ ڀوتارن هٿان ناظم جوکيو ۽ ڀيڻ فهميده سيال جو بي دردي سان قتل ۽ قرآن پاڪ جي بي حرمتي قابل مذمت ۽ بدترين واقعو توڙي انساني حقن جي پامالي آهي، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته ناظم جوکيو ۽ فهميده سيال جي قاتلن کي عبرت ناڪ سزا ڏئي متاثر خاندانن کي انصاف ۽ تحفظ ڏنووڃي،نوشهرو فيروز ۾ سولنگي برادريءَ جي ٻن نوجوانن کي جعلي پوليس مقابلي ۾ مارڻ جو واقعو پڻ قابل مذمت آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪاشف سعيد شيخ، ممتاز حسين سهتو، حافظ نصرالله چنا، نظام الدين ميمڻ ۽ صوبائي سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چناپڻ موجود هئا، هن چيو ته اسان اعلى عدالتن کان اُميد ڪريون ٿا ته هوءَ ناظم جوکيو، فهميده سيال ۽ اُم رباب جي عزيزن جي قاتلن کي سزائون ڏئي پنهنجي انجام تائين پهچائيندا، سنڌ حڪومت کي به اپيل ٿي ڪجي ته هوءِ پنهنجي صفن ۾ موجوده اهڙن قاتل وڏيرن جي اسيمبلي رڪنيت ختم ڪري جمهوريت جي لڄ رکي.

  • شهيد ناظم جوکيو ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي

ملير(ڊ ر+م ڊ) شهيد ناظم جوکيوقتل ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي،مقتول جو موبائل فون ۽ ڪپڙا ڄام هائوس  ويجهو کوهه مان ملي ويا، جاچ آفيسرن جو چوڻ آهي ته قتل کانپوءِ ناظم جوکيو جو موبائل فون ۽ ڪپڙا کوهه ۾ اڇلائي کوهه ۾ باهه لڳائي  وئي هئي، هنن چيو ته گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي جاچ ٽيم کوهه تي پهتي، موبائل فون گهڻي حد تائين سڙي چڪو آهي، هنن چيو ته شهيد جو موبائل فون ۽ ڪپڙا فارنزڪ آڊٽ لاءِ پنجاب فارنزڪ ليبارٽري موڪليا ويندا، هنن چيو ته شهيد کي ڄام هائوس جي گودام ۾ رکي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ويئر هائوس مان سموريون شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن، اختيارين جو چوڻ آهي ته ايم اين اي ڄام عبدالڪريم سميت 4جوابدارن گرفتاري کان اڳ ضمانت ڪرائي ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ هيل تائين ڄام اويس سميت 6 جوابدار گرفتار آهن هوڏانهن مقتول وارثن جي وڪيل طرفان پوليس تي هٿ آيل موبائيل کي نقصان پهچائڻ ۽ شاهديون مٽائڻ جا الزام ھنيا ويا آھن، ايڊووڪيٽ مظهر جوڻيجو پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته پوليس ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي بچائڻ لاءِ موبائيل فون سوڌو ٻين شاهدين کي نقصان پهچايو آهيايڊووڪيٽ مظھر جوڻيجو موجب پوليس شهيد ناظم جو خون لوڙهڻ گهري ٿي، ايس ايس پي عرفان بهادر جي سربراهي ۾ جڙيل جاچ ٽيم تي بي اعتمادي ظاهر ڪرڻ باوجود ڪيس کي اڳتي وڌائڻ لاءِ جاچ ۾ سهڪار ڪيو، جاچ اڳتي وڌڻ سان جاچ ٽيم جي جانبداري به ظاهر ٿي رهي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.