مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف رتيديري ۾ پورهيتن جو احتجاج

رتوديرو(ن ع آ) رائيس ملز ورڪرز يونين رتيديري پاران مهانگائي ۽ بي روزگاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، جنهن جي اڳواڻي ڪامريڊ مينهل انصاري ، مرتضيٰ ڪورائي ، مختيار عباسي ، شڪيل جلباڻي ، مختيار جويو ، خالد سولنگي ، بشير ، بابو سيانچ ، محبت . برڪت ۽ وزير علي ڪري رهيا هئا مظاهرين شهر جي مک رستن تان نعريبازي ڪندا پريس ڪلب پهچي ڌرڻو هنيو،  ان موقعي تي يونين جي اڳواڻن مظاهرين کي خطاب ڪندي چيو ته ، حڪمرانن ملڪ جي خودمختياري ۽ وسيلن کي عالمي مالياتي ادارن وٽ گروي ڪري ڇڏيو آهي . موجوده حڪومت ٽن ورهين ۾ عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ آء ايم ،ايف کان قرض جي نتيجي ۾ غريب ۽ پورهيت طبقي مٿان مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي جنهن سبب عوام کي فاڪا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي . هنن چيو ته هڪ پاسي پيٽروليم شين ۾ واڌ ڪري مهانگائي کي اوج تي پهچايو ويو آهي ته ٻئي طرف نجڪاري ڪري بي روزگاري جو انگ وڌايو پيو وڃي جڏهن ته پورهيتن جي ڏهاڙي ايتري گهٽ آهي جو ان مان ٻن ويلن جي ماني به نه ٿا کائي سگهئون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.