عرب امارات ۽ ايران ۾ زلزلو، 6.4 شدت رڪارڊ

دبئي (م ڊ ) عرب امارات  ۽ ايران ۾ زلزلو، 6.4 شدت رڪارڊ،  پرڏيهي خابرو اداري موجب زلزلي سبب ڪيتريون ئي عمارتون لڏي ويون، جڏهن ته ڊگهن عمارتن مان ماڻهو ڏاڪڻين تان هيٺ اچي ويا. رپورٽن مطابق زلزلي جو مرڪز ايراني بندرگاهه بندر عباس کان 60 ڪلوميٽر پري هو جڏهن ته زلزلو 4 لڳي 16 منٽن تي محسوس ڪيو ويو. ايران جي صوبي هرمزگان ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. ايراني ميڊيا موجب بندر عباس بندرگاهه ويجهو 6.3 ۽ 6.4 شدت جا ٻه زلزلا رڪارڊ ڪيا ويا. ايراني ميڊيا موجب زلزلي جي شدت سان عمارتون لڏي ويون ۽ شهري خوف وچان گهرن مان نڪري آيا. زلزلي جو مرڪز ساحلي شهر بندر عباس کان 47 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ٻڌايو ويو، ان جي اونهائي 10 ڪلوميٽر هئي. زلزلي گڏيل عرب امارات جي دبئي، شارجه ۽ عجمان کي متاثر ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.