ڀان سيد آباد: پوليس جي فائرنگ ۾ زخمي نوجوان جي وارثن جو احتجاج، انصاف جي گھر

موٽرسائيڪل نه روڪڻ تان پوليس جي فائرنگ ۾ زخمي نوجوان جي وارثن ڀان سيد آباد پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي انصاف جي گھر ڪئي آهي.

زخمي نوجوان اسد راڌڻ جي امڙ زرينا ، ڀاءُ  راجا، سجاد ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ڀان سيدآباد پوليس چيڪنگ دوران موٽرسائيڪل نه روڪڻ تي سڌي فائرنگ ڪري نوجوان کي زخمي ڪيو، اسان غريب آهيون وڏو ظلم ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته پوليس نوجوان کي زخمي ڪرڻ بعد مٿس ڪوڙو ڪيس به داخل ڪيو آهي، پوليس آواز اٿارڻ تي ڌمڪائي رهي آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي شفاف انڪوائري ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.