وزيراعظم اهم معاملن تي سڀاڻي سينيئر وزيرن جو اجلاس گهرائي ورتو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ملڪي سياسي صورتحال ۽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي معاملي تي پارٽي جي سينيئر وزيرن جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو.

ذريعن موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس سڀاڻي صبح 11 وڳي ٿيندو، اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي، پرويز خٽڪ، اسد عمر، فواد چوڌري ۽ ٻيا شريڪ ٿيندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي ۽ گڏيل اجلاس گهرائڻ بابت به حتمي فيصلو ڪيو ويندو.

ذريعن موجب اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ چونڊ سڌارن تي اتحادين جا خدشا ختم ڪرڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.